اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيھ جي صدر رجب طيب اردوان جي حلف برداري واري تقريب جي موقعي تي انقره ۾ مختلف ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم شهباز شريف ترڪيھ جي اڳوڻي نائب وزيراعظم ۽ ايم ايڇ پي پارٽي جي چيئرمين دولت باهچيلي سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف کيس صدر اردوان سان گڏ چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون. حلف برداري تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ڪوسوو جمهوريه جي صدر وجوسه عثماني ساديرو جي به ملاقات ٿي، ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف جي ايران جي اول نائب صدر محمد مخبر سان به ملاقات ٿي. وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان ۽ سيستان سرحد تي مارڪيٽون قائم ڪرڻ ۽ ايران جي صدر سان پنهنجي هاڻوڪي ملاقات جو حوالو به ڏنو. هن چيو ته ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ بارٽر واپار هڪ سٺي اڳڀرائي آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدو ٿيندو. صدر اردوان جي حلف برداري واري تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف ازبڪستان جي صدر شفقت مرزايوف سان به ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن علائقائي سهڪار، خطي کي رابطن سان ڳنڍڻ ۽ مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار جي رفتار تيز ڪرڻ تي به ڳالهيون ڪيون.
متعلقہ مضامین
-
By-election for PS-11 to be held on Oct 17
-
Altaf Hussain’s bail extended again in hate speech inquiry
-
Pakistan hopes Afghan peace talks will resume at the earliest
-
Imran to meet Trump twice during US visit
-
Abbasi accuses NA speaker regarding attendance of detained legislators
-
Pakistan hopes Afghan peace talks will resume at the earliest
-
Pak Army soldier martyred in cross-LoC firing: ISPR
-
Consult IAF before ‘invading’ AJK, ISPR responds to Indian minister
-
Reports about Saudi, UAE ministers’ remarks on Kashmir ‘speculative’: FO
-
No threat to Sindh if federation issues directives for betterment: Haleem Adil
-
Kashmiris to swarm streets if curfew lifted in IHK: Firdous
-
Federal govt conspiring to divide Sindh: Khuhro