راوالپنڊي- 25 مئي (اي پي پي)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته جيڪو ڪجهه 09 مئي 2023ع تي ٿيو اهو انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي، شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ۽ انهن جي وقار کي مجروح ڪندڙن کي قوم ڪڏهن به معاف نه ڪندي ۽ نه ئي انهن کي وساري سگهندي ۽ ان عمل کي هر گز برداشت نه ڪيو ويندو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي( آءِ ايس پي آر) مطابق يوم تڪريم شهده پاڪستان جي حوالي سان آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پوليس لائين اسلام آباد جو دورو ڪيو. آرمي چيف اسلام آباد پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن سان گڏو گڏ پوليس جي شهيدن جي وارثن کي پڻ خطاب ڪيو . آرمي چيف چيو ته اهي شهيد جن کي الله پاڪ حيات جاودان عطا فرمائي سندن قربانين کي ڪير به ضايع نٿو ڪري سگهي.پاڪ فوج، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا رياست جي علامت ۽ لوهه جي ڀت جيان آهن جيڪي ملڪ ۽ قوم جي وقار خاطر ڪنهن به قرباني کان ڪڏهن به نه ڪيٻائيبدا. هن چيو ته شهيدن جي وارثن کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته اڄ جي ڏينهن پاڪستاني عوام ۽ پاڪ فوج سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي شهيدن جي وارثن سان گڏ بيٺل آهي ۽ گڏ بيٺل رهندي. پوليس لائين آمد تي چيف آف آرمي اسٽاف جو استقبال آءِ جي پوليس اسلام آباد داڪٽر اڪبر ناصر خان ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
CJP forms seven-judge bench to hear Justice Isa’s petition
-
Consult IAF before ‘invading’ AJK, ISPR responds to Indian minister
-
Imran to meet Trump twice during US visit
-
Every detained MNA should be allowed to attend sessions: Abbasi
-
Pakistan hopes Afghan peace talks will resume at the earliest
-
Consult IAF before ‘invading’ AJK, ISPR responds to Indian minister
-
Reports about Saudi, UAE ministers’ remarks on Kashmir ‘speculative’: FO
-
PM hails support of 58 countries on Kashmir crisis
-
EU lawmaker for imposing trade and travel restrictions on India
-
Kashmiris to swarm streets if curfew lifted in IHK: Firdous
-
Federal govt conspiring to divide Sindh: Khuhro
-
Federal minister directs schools not to increase fee by more than 5 percent