اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر 5 کان 13 جون تائين ناروي، سوئيڊن، ڊيمنارڪ ۽ بيلجيئم جو سرڪاري دورو ڪندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته مملڪتي وزير ترقي، واپار ۽ موسمياتي تبديلي جي چئلينجز ۽ مسئلي بابت تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ وزارتي سطح تي اجلاسن ۾ شرڪت ڪندي. هوءَ قانونسازن ۽ مقامي واپارين سان پڻ ملاقات ڪندي. حنا رباني کر بيلجيئم ۾ يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ يورپي ڪميشن جي سينيئر عملدارن سان ملاقاتون ڪندي. سوئيڊن ۾ مملڪتي وزير پرڏيهي لاڳاپن بابت يورپي ڪائونسل جي سالياني اجلاس ۾ اهم خطاب ڪندڙ طور شرڪت ڪندي. هوءَ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي مسئلن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندي ۽ پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن ۽ چئلينجز تي بحث جي لاءِ يورپ جي اهم فيصلاسازن، ماهرن، ٿنڪ ٽينڪس ۽ اثررسوخ رکندڙ شخصيتن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي.
متعلقہ مضامین
-
Rawalpindi Corps, Southern Command get new commanders
-
Judge Arshad Malik made OSD
-
LADIESFUND celebrates a decade of award winners
-
World cannot ignore Kashmir: Buzdar
-
2.6 million people die annually due to unsafe care in hospitals: WHO
-
Bilawal pays visit to Zardari
-
1,408 pressure horns removed from vehicles in Islamabad
-
CTD arrests killer of MQM’s MPA Liaquat Qureshi
-
AMBIT AND SCOPE OF ARTICLE 149 OF THE CONSTITUTION
-
Reluctance by session judge to hold judicial inquiry into Nimirta’s case
-
JUI- F attempting to aboard opposition for Azadi March
-
Sindh CM fails to appear before NAB