اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته ميڊيا ملڪ کي درپيش چئلينجز جي حوالي سان موثر ۽ فعال ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان انفارميشن سينٽر قائم ڪرڻ جو مقصد سڄي ملڪ جي صحافين کي جديد پيشيواراڻي تربيت فراهم ڪرڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جي خصوصي قدم، پاڪستان انفارميشن سينٽرز جي اهتمام هيٺ انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ ”خبرن جي صداقت، جعلي خبرن ۽ رياست مخالف پروپئگنڊه جي تدارڪ“ جي عنوان سان ٻن ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مختلف شهرن ۾ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا سان واڳيل صحافين کي صحافت ۾ جديد رجحانن ۽ درپيش چئلينجز جي حوالي سان مختلف موضوعن تي تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي، پاڪستان انفارميشن سينٽر قائم ڪرڻ جو مقصد سڄي ملڪ جي صحافين کي جديد پيشيواراڻي تربيت فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته ان ورڪشاپ جو مقصد ميڊيا جي نمائندن کي رياست جي مفادن بابت آگھاهي ۽ موقف فراهم ڪرڻ آهي ڇو ته موجوده دور ۾ خبرن جي صداقت ۽ جعلي خبرون وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته ميڊا رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي ۽ ان جو ملڪ کي درپيش چئلينجز جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار آهي. اطلاعات واري سيڪريٽري چيو ته سڄي ملڪ ۾ اسلام آباد سميت 7 مرڪزن ۾ صحافين جي لاءِ پاڪستان انفارميشن سينٽرز ۾ تربيتي ورڪشاپس منعقد ڪيا پيا وڃن. ان کان اڳ پاڪستان انفارميشن سينٽرز جي ڊائريڪٽر محمد صغير احمد پاڪستان انفارميشن سينٽرز جي اهتمام هيٺ جاري ورڪشاپس ۽ پي آئي سي جي ڪارڪردگي جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هن چيو ته گذريل سال پاڪستان انفارميشن سينٽر پاران مختلف موضوعن تي سڄي ملڪ ۾ 16 تربيتي ورڪشاپس منعقد ڪيا ويا هئا جن ۾ 700 کان وڌيڪ صحافين کي تربيت فراهم ڪئي وئي. پاڪستان انفارميشن سينٽر پاران هلندڙ مهيني 7 شهرن ۾ اهم موضوعن تي تربيتي ورڪشاپس منعقد ڪيا پيا وڃن.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan expects incoming Chinese envoy to promote business ties, boost CPEC
-
Not registering an FIR tantamount to helping the oppressor: IGP
-
Zardari, Talpur indicted in money laundering case
-
Shehbaz Sharif’s arrest will only ‘add fuel to the fire’: Maryam
-
Army captain martyred in clash with terrorists
-
Soldier martyred in firing by terrorists in Waziristan: ISPR
-
WHO chief lauds Pakistan’s strategy to fight Covid-19
-
Soldier martyred in firing by terrorists in Waziristan: ISPR
-
Indian army martyrs soldier, teenage boy along LoC
-
WHO chief lauds Pakistan’s strategy to fight Covid-19
-
Pakistan spending $10bn per annum for debt repayment
-
Pakistan calls for one-year extension in G20 debt relief for poor countries