اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان نئين چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ۽ نئين چيف آف آرمي اسٽاف سيد عاصم منير ايوان صدر ۾ جدا جدا ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ساحر شمشاد مرزا کي جنرل جي عهدي تي ترقي ۽ بطور چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي مقرري تي مبارڪباد ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي مقرري 27 نومبر 2022ع کان لاڳو ٿيندي. صدر سيد عاصم منير کي جنرل جي عهدي تي ترقي ۽ ان جي چيف آف آرمي اسٽاف طور مقرري تي مبارڪباد ڏني. چيف آف آرمي اسٽاف جي مقرري 29 نومبر 2022ع کان لاڳو ٿيندي. صدر کين چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ چيف آف آرمي اسٽاف طور سندن ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
KKH maintenance work to start within a week: Mushtaq Ghani
-
Tailgating or tolerance — Your weapon of choice to win the race?
-
CM reviews progress on economic zones project
-
Economic growth through infrastructure development
-
Economic growth through infrastructure development
-
CM reviews progress on economic zones project
-
Senate committee slams CCPO Lahore for conflicting remarks over motorway case
-
Senate committee slams CCPO Lahore for conflicting remarks over motorway case
-
Army captain martyred in clash with terrorists
-
NAB granted 14-day physical remand of Shehbaz Sharif
-
Opp submits requisition to convene PA session to discuss Shehbaz’s arrest
-
Primary schools open from today across country