اسلام آباد– 11 – نومبر (اي پي پي) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس عامر فاروق اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي نئين چيف جسٽس جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي کانئس حلف ورتو. حلف برداري جي پروقار تقريب ايوان صدر ۾ ٿي جنهن ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، سينيٽر سليم مانڊوي والا، سينيئر ججز، اعليٰ سرڪاري آفيسرن، قانوني برادري جي ميمبرن، سول سوسائٽي جي ناليوارين شخصيتن ۽ ميڊيا جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 175 اي (13) تحت سينيئر جج جسٽس عامر فاروق جي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طور مقرري جي منظوري ڏني. جسٽس عامر فاروق لنڊن يونيورسٽي برطانيا مان تعليم حاصل ڪئي آهي. هن 1993ع ۾ لنڪنزن لنڊن مان بيريسٽر ايٽ لاء جي ڊگري حاصل ڪئي، هو 1994ع ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ايڊووڪيٽ ۽ 2007ع ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ايڊووڪيٽ طور انرول ٿيو. صدر جي منظوري کانپوءِ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزارت جسٽس عامر فاروق جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حيثيت سان مقرري جو نوٽيفڪيشن خميس ڏينهن جاري ڪيو هو.
متعلقہ مضامین
-
Not registering an FIR tantamount to helping the oppressor: IGP
-
TTS faculty decries HEC ‘failure’ to resolve their issues
-
Economic growth through infrastructure development
-
Healthy lifestyle can help reduce heart diseases, say: experts
-
Senate committee slams CCPO Lahore for conflicting remarks over motorway case
-
Zardari, Talpur indicted in money laundering case
-
Soldier martyred in firing by terrorists in Waziristan: ISPR
-
NAB granted 14-day physical remand of Shehbaz Sharif
-
Pakistan spending $10bn per annum for debt repayment
-
Blast at iron scrap dealer’s junkyard kills 5 in Nowshera
-
WHO chief lauds Pakistan’s strategy to fight Covid-19
-
Money laundering case: non-bailable arrest warrants for Shehbaz’s wife, daughter issued