اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سان پاڪستان ۾ ايران جي سفير سيد محمد علي حسيني ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي حوالي سان مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان ۽ ايران هڪ ٻئي سان گڏيل مذهب، تاريخ، ثقافت ۽ ڀائيچاري جي لازوال رشتن ۾ جڙيل آهن. پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙو موقف خوش آئنده آهي، خطي ۾ پائيدار امن جي قيام جي لاءِ تڪرارن جو مستقبل حل انٽر آهي، القدس شريف تي اسرائيلي قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ مسلمان امت کي گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪشمير ۽ فلسطين ۾ ٿيندڙ انساني حقن جون پائماليون انتهائي قابل مذمت آهن، پاڪستان ايران سان توانائي، واپار ۽ ٻين اقتصادي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش رکي ٿو. پارلياماني سطح تي رابطن جي فروغ سان ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ جي ميمبرن کي هڪٻئي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ جو موقعو ملندو. ڪشمير ۽ فلسطين ۾ انساني حقن جي پائمالين ۽ القدس شريف تي غيرقانوني قبضي جي خاتمي لاءِ امت کي گڏجي ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي، ايراني سفير چيو ته ايران پاڪستان سان پنهنجي پراڻي، دوستاڻي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، القدس شريف ۾ جاري غير قانوني قبضي جي خلاف اڄ سڄي دنيا جي اسلامي ملڪن ۾ القدس جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار طور خصوصي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، القدس شريف جي حرمت، تقدس ۽ ان تي اسرائيلي غير قانوني قبضو ڇڏرائڻ لاءِ امت کي گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون. ايران پاڪستان سان توانائي ۽ واپار سميت ٻين شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو.
متعلقہ مضامین
-
Telenor gives Rs 50 mln cheque to PM for Corona Relief Fund, vows Rs 1.6 bln for relief work
-
Ulema delegation assures PM of cooperation during lockdown
-
NAB begins probe into wheat, sugar crises
-
Teleschool receiving ‘tremendous response’ countrywide: Education minister
-
Exams vs empathy: what matters more
-
Nationwide coronavirus cases rises to 8648
-
Govt may again close mosques if guidelines violated, warns PM
-
Pakistan begins repatriating nationals from UAE
-
IMF predicts reduction in Pakistan’s debt, inflation rate
-
No transparency in federal, provincial govts’ measures to combat virus: CJP
-
Cabinet waives taxes on services related to construction industry
-
Next four weeks critical for Pakistan: Zafar Mirza