اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي واضح پيغام ڏنو آهي ته جنهن جنهن به ملڪ کي ڦريو آهي ان جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي، 1985ع کانپوءِ ۽ آصف زرداري جو اقتدار ڏسي وٺو ۽ عمران خان جي خيبرپختونخواهه ۽ هاڻي وفاقي حڪومت کانپوءِ جا وسيلا ڏسي وٺو، شريفن وٽ ٻاهر ملڪيتن جي لاءِ پئسا اچي وڃن ٿا، کير، مرغين، کنڊ جو ڪاروبار شروع ٿئي ٿو، انهن سمورن چورن جي آخري آرامگاهه ايوان اقتدار نه پر جيل آهي، عدم اعتماد اسان جي لاءِ ڪو چئلينج نه آهي، مونس الاهي جي بيان کانپوءِ اڃا وڌيڪ گهٻراهٽ ڇانئجي وئي آهي، اسان جي ميمبرن جي فڪر نه ڪريو، پنهنجي 25، 30 ميمبرن جي فڪر ڪريو جيڪي هر اهم موقعي تي غائب ٿي وڃن ٿا. سي اي سي اجلاس کانپوءِ سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين فيصل جاويد ۽ پارلياماني سيڪريٽري ڪنول شوزب سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڊي آءِ خان ۾ جي يو آءِ کي علي امين گنڊاپور شڪست ڏني آهي، اتان جي عوام هڪ ڀيرو ٻيهر فضل الرحمان تي عدم اعتماد جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. بلدياتي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ سڀ کان وڌيڪ ووٽ کنيا آهن. خيبرپختونخواهه ۾ پهريون ڀيرو بااختيار بلدياتي نظام ڏنو ويو آهي، ماضي ۾ ناظمن جي لاءِ ٻوليون لڳنديون هيون. (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي خيبرپختونخواهه مان ختم ٿي وئي آهي. پي ٽي آءِ کي ڪرڪ مان ٽي ۽ بنون مان هڪ سيٽ ملي آهي. هن چيو ته هڪ طبقو بار بار هٿ ٺوڪيون خبرون پکيڙي رهيو آهي، شهباز شريف جي چهري تي مايوسي سڀني ڏٺي آهي، 18 فيبروري تي شهباز شريف تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ وڃي رهيو آهي، سليمان شريف کي ڪهڙي بيماري آهي اهو ڇو نه اچي رهيو آهي، مقصود چپڙاسي جهڙن ملازمن جي اڪائونٽس ۾ 4 ارب رپيا آيا آهن. هن چيو ته مخالف ڌر ته مخالف ڌر کي ڪيرائڻ ۾ لڳل آهي، انهن جي ويڙهه ٻي ۽ ٽئين اپوزيشن جي آهي، هڪ طرف زرداري جا پير پڪڙيل آهن، ٻئي طرف 22 سالن کانپوءِ چوڌري ڀائرن جي عيادت جي ياد اچي وئي آهي. هن چيو ته عمران خان پهريون وزيراعظم آهي جنهن صوابديدي فنڊز ختم ڪيا، ٻاهرئين سفر تي ڪفايت شعاري ڪئي آهي، عمران خان ٻاهرئين ملڪن ۾ ملڪيتون نه ٺاهيون ۽ نه ئي ڪي فيڪٽريون هنيون آهن.
متعلقہ مضامین
-
UoG holds contest to revive culture of writing letters
-
Youth imprisoned for life in double murder case
-
Pakistani students keen to raise awareness regarding global issues
-
Rangers resolve blind murder case
-
Media houses facing difficulties due to non payment by government
-
Rangers resolve blind murder case
-
Bahawal Victoria Hospital holds walk on World Kidney Day
-
Punjab government declares medical emergency
-
Youth told to promote personal hygiene amid pandemic panic
-
Bahawal Victoria Hospital holds walk on World Kidney Day
-
CM approves to celebrate Punjab Cultural Day on March 14
-
CM chairs 27th cabinet meeting, approves Wheat Procurement Campaign 2020-21