اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو بنيادي مقصد سياست ۾ پئسي جي استعمال کي ختم ڪرڻ آهي، ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪندڙ مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي پنهنجي 10 سالن جي اقتدار جي دور ۾ اليڪشن ۾ شفافيت لاءِ ڪو عملي قدم ناهي کنيو، وصيت جي صحيحن کي اهميت ڏيندڙن کي خبر هجڻ گهرجي ته ميثاق جمهوريت تي به بينظير ڀٽو جي صحيح هئي، پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام ان ڳالهه تي قائل ٿي چڪي آهي ته اليڪشن جو نظام شفاف هجڻ گهرجي، اسان جو قانوني بحث به اهو ئي آهي ته ڪنهن پارٽي يا الائنس پاران نامزد اميدوارن کي ئي سينيٽ جو ميمبر چونڊجڻ گهرجي. سينيٽ اليڪشن اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ بابت معاملي جي ٻڌڻي کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد به ساڻس گڏ هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته عمران خان هڪ اهڙو قائد آهي جيڪو ملڪ ۾ بنيادي سڌارن جي ذريعي جمهوريت ۽ پارليامينٽ کي مضبوط بڻائي ان کي عوام جي خواهشن جو ترجمان بڻائڻ چاهي ٿو. جڏهن پارليامينٽ ۾ شفافيت سان ايم پي ايز جي ووٽن سان چونڊجي سينيٽر ايندا ته هو ملڪ ۽ صوبي جي مفاد ۾ ڪم ڪندا. اسان جو بنيادي مقصد ئي اهو آهي ته سينيٽ اليڪشن ۾ پارٽي جي چونڊيل اميدوارن کي ئي ووٽ ملن.
متعلقہ مضامین
-
Extension in special powers granted to Rangers signed by Sindh govt
-
Senate body rejects JIT; demands judicial probe into Sahiwal tragedy
-
PM apprised on legislation to criminalize enforced disappearance
-
LHC annoyed over NAB for failing to submit reply
-
Zardari disqualification petition: political fights should be fought in parliament: IHC
-
Sahiwal victims’ family refuses to take part in identification parade
-
Talpur, Majeed file review pleas in fake bank accounts case
-
Asia Bibi free to travel anywhere: FO
-
New visa regime shows how progressive Pakistan is: Chinese ambassador
-
Asia Bibi free to travel anywhere: FO
-
Court delays hearing of Barrister Fahad Malik’s murder case
-
PM directs FBR to focus on big tax evaders, non-filers