اسلام آباد – 31 – جولائي (اي پي پي) سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ محمد عباس شاهه قومي خابرو اداري اي پي پي ۾ ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد ٽن جوابدارن کي ٽن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو. وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي اينٽي ڪرپشن سيل محمد غواث (پراجيڪٽ ڊائريڪٽر)، مصور عمران (ڊپٽي ڊائريڪٽر) ۽ سعد مدثر (اڳوڻي چيف ڪمپيوٽر انجنيئر) کي عدالت ۾ پيش ڪيو. ان موقعي تي ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر اسفند يار موقف اختيار ڪيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست رد ڪئي جنهن کانپوءِ ٽنهي جوابدارن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جوابدارن کان رڪارڊ ۽ رقم جي برآمدگي جي لاءِ 14 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي گذارش منظور ڪئي وڃي. ٻڌڻي دوران ”اي پي پي“ جي ليگل ايڊوائيزر سردار يعقوب مستوئي ايڊووڪيٽ دليل ڏنا ته سمورا جوابدار پروڪيورمنٽ ڪميٽي جا ميمبر آهن ۽ جعلي صحيحن جي ذريعي اي جي پي آر ۾ 60 چيڪ جمع ڪرايا ويا آهن. سردار يعقوب مستوئي چيو ته 124 ملين رپيا عوام جي ٽيڪس جو پئسو هو، سرڪاري اداري ۾ جعلسازي جي ذريعي ڌاڙو هنيو ويو آهي، جوابدارن کان سرڪاري رقم وصول ڪرڻ جي لاءِ جسماني ريمانڊ ڏنو وڃي. جوابدارن جي وڪيلن جسماني ريمانڊ جي مخالفت ڪئي. دليل مڪمل ٿيڻ تي عدالت ٽنهي جوابدارن کي ٽن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو.
متعلقہ مضامین
-
Faisal Vawda submitted false affidavit in dual nationality case: IHC
-
Naundero Health Center face crippling issues
-
Quaid mausoleum sanctity case: Court asks police to probe Maryam, Safdar
-
Promoted doctors of BPS-19 await posting, accuse department of corruption
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
PTI supporters, PML-N leaders come to blows outside Parliament House
-
PTI supporters, PML-N leaders come to blows outside Parliament House
-
AMAN-21-The message resonates
-
SIREN to develop Conferencing system at Shah Abdul Latif University
-
Shehbaz’s daughter, son-in-law declared proclaimed offenders
-
UN bashes Iran’s deadly crackdown on Balochistan oil smugglers
-
IHC throws ball in ECP’s court in Vawda disqualification case