اسلام آباد– 11 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ڪويت جي وزيراعظم شيخ محمد صباح السالم الصباح ٽيليفون ڪئي ۽ عيدالفطر جي موقعي تي مبارڪباد ڏني، پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ پراڻي ۽ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي ٻطرفن لاڳاپن جي مضبوطي ۽ لاڳاپن کي ٻنهي ملڪن جي عوام جي لاءِ گڏيل طور تي فائديمند حصيداري ۾ بدلائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ڪويت جي وزيراعظم شيخ محمد صباح السالم الصباح ٽيليفون ڪئي ۽ عيدالفطر جي موقعي تي مبارڪباد ڏني. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي چونڊ جي موقعي تي ڪويتي قيادت پاران مبارڪباد واري پيغام جو ذڪر ڪندي ڪويتي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ پراڻي ۽ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن تي روشني وجهندي پاڪستان، ڪويت ٻطرفن لاڳاپن جي مضبوطي ۽ پاڪستان جي انهن لاڳاپن کي ٻنهي ملڪن جي عوام جي لاءِ گڏيل طور تي فائديمند حصيداري ۾ بدلائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم نه رڳو پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري تعاون جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو پر پاڪستان پاران گذريل سال ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ صحيحون ٿيل معاهدن ۽ مفاهمتي ياداشتن تي جلد عملدرآمد جي خاطري ڪرائي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ڪويت جي عوام جي سلامتي ۽ خوشحالي، مسلمان امت جي وچ ۾ ڀائيچاري ۽ خاص طور تي معصوم فلسطيني ڀينرن ڀائرن تي جاري اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ جي خاتمي جي دعا ڪئي. ڪويت جي وزيراعظم پاڪستان جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪويتي حڪومت پاران پاڪستان سان تعاون جي وڌيڪ فروغ جي خواهش جو اظهار ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
In Spain, hugs and sea air for Covid ICU survivor
-
PDM believes in politics of bullying and horse-trading
-
Khalilzad, Miller discuss Afghan peace process with Gen Bajwa
-
ECP asks PTI to name those who took bribes
-
Two FC troops killed in Landi Kotal road mishap
-
Provision of essential items at fair prices govt’s top priority: PM
-
SC reserves judgement on upgradation, premature increments of FDE employees
-
President for modernising beekeeping to boost yield, export
-
RCCI organizes Digital Transformation Conference VISION 2025
-
Pakistan asks India to rescind illegal actions in IIOJK
-
Urological operations closed since three months at CMCH