اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گذريل 16 مهينن ۾ تاريخ جا غيرمتوقع وڏا چئلينجز درپيش هئا، اسان جي قدمن سان ملڪ ڊيفالٽ جي خطرن کان بچي ويو، اڄ پاڪستان اپريل 2022ع کان بهتر آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ ڪابينا جي خصوصي اجلاس ۾ مون پنهنجي ڪابينا جي ساٿين جي تعاون ۽ حمايت تي انهن جا ٿورا مڃيا. گذريل 16 مهينا وڏن چئلينجن جو دور هو، جيڪو اسان جي تاريخ ۾ غيرمتوقع هو. هن چيو ته پاڪستان جي سياسي قوتن جو هڪ قومي ايجنڊا جي لاءِ گڏ ٿيڻ اسان جي جمهوري نظام جي ارتقا جي نمائندگي ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته شديد ترين ٻوڏ کان وٺي ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچائڻ جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي لاڳاپن جي نئين سر تعمير کان وٺي گورننس جي چئلينجز کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ بحرانن جي ڪثرت جي سنگيني کي ڏسندي اسان گڏيل حڪمت عملي جو استعمال ڪيو. هن چيو ته الحمدالله آگسٽ 2023ع ۾ پاڪستان اپريل 2022ع جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي. اسان جي ڊگهي مدي وارا چئلينجز اڃا به آهن پر اڳتي وڌڻ جي رستي جي واضح طور تي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ ان رخ ۾ قدم شروع ڪيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته آئون ڪابينا جي هر ساٿي جو ٿورائتو آهيان ته انهن جي مشوري ۽ تعاون سان جن ذاتي طور تي ملڪ جي بهترين خدمت ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي، آئون انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو.
متعلقہ مضامین
-
I unearthed Chiniot mines scam, not NAB: Shehbaz
-
Virus kills another 52; more than 2,100 new cases reported in a day
-
Pakistan’s successful test flight of Fatah-1; national leadership felicitates troops, scientist
-
CPEC: A Crown Jewel of BRI
-
Govt to launch women’s rights campaign to spread awareness in rural areas
-
CPEC: A Crown Jewel of BRI
-
71 shopping malls sealed in a week on SOPs violations
-
IG Punjab launches project for better supervision
-
OGRA approves K-Electric license to construct, operate pipeline
-
Maritime ministry mulls promotion of coastal tourism
-
Naval chief, envoy discuss Pak-Saudi maritime cooperation
-
Avoid crowding outside court, Lahore judge tells PML-N workers