اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي سڀاڻي جمعي ڏينهن ٿيندڙ 30 هين وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري اجلاس ۾ ايشيا پيسفڪ جي لاءِ ڳڻتي جي سياسي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪندو. هن چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري اي آر ايف ۽ خطي جي ملڪن سان وسيع حصيداري جي لاءِ علائقائي تعاون ۽ مڪالمي جي پاڪستان جي خواهش جو خاڪو پيش ڪندو. ڊاڪٽر اسد مجيد خان آسيان ريجنل فورم جي 30 هين وزارتي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ جڪارتا انڊونيشيا ۾ آهي. ان کان اڳ پرڏيهي سيڪريٽري جڪارتا ۾ ٿائيلينڊ جي هم منصب ۽ آسيان جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل سان ملاقاتون ڪيون. هو انڊونيشيا جي صدر کانسواءِ پرڏيهي وزير ۽ انڊونيشيا جي سياسي، قانوني ۽ سيڪيورٽي معاملن جي رابطن واري وزير سان پڻ ملاقات ڪندو. پرڏيهي سيڪريٽري جي ويٽنام ۽ تيمورليسٽي جي پرڏيهي وزيرن ۽ ملائيشيا ۽ برطانيا جي پرڏيهي سيڪريٽرين سان پڻ ملاقات جو امڪان آهي.
متعلقہ مضامین
-
Consult IAF before ‘invading’ AJK, ISPR responds to Indian minister
-
CM Punjab meets Speaker of Punjab Assembly and acting governor
-
Imran to meet Trump twice during US visit
-
Pakistan hopes Afghan peace talks will resume at the earliest
-
Pak Army soldier martyred in cross-LoC firing: ISPR
-
Top army, navy officers visit SC
-
Kashmiris to swarm streets if curfew lifted in IHK: Firdous
-
Federal minister directs schools not to increase fee by more than 5 percent
-
Housing Society affectees get PLs worth billions
-
Kashmiris to swarm streets if curfew lifted in IHK: Firdous
-
Provision of justice an important component of PTI manifesto: PM
-
Provision of justice an important component of PTI manifesto: PM