اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسلامي ترقياتي بئنڪ پاڪستان جي اهم حصيدار آهي جنهن پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي آهي، آءِ ايم ايف سان اسٽينڊ بائي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ اسلامي ترقياتي بئنڪ پاران ملندڙ هڪ ارب ڊالر اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ان مدد کانسواءِ پاڪستان جو آءِ ايم ايف سان معاهدو مشڪل هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد سلمان الجاسر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. وزيراعظم ڊاڪٽر محمد سلمان الجاسر ۽ اسلامي ترقياتي بئنڪ جا پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر ڏيڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي مالياتي اداري سان اسٽينڊ بائي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ اسلامي ترقياتي بئنڪ پاران ملندڙ هڪ ارب ڊالر به اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ان مدد کانسواءِ پاڪستان جو آءِ ايم ايف سان معاهدو مشڪل هو. هن چيو ته اسلامي ترقياتي بئنڪ پاڪستان جي هڪ اهم حصيدار آهي جنهن پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي. وزيراعظم فرانس ۾ پنهنجي ۽ اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر جي خوشگوار ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان اسلامي ترقياتي بئنڪ سان پنهنجي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم صدر ڊاڪٽر محمد سلمان الجاسر کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ تازو ئي قائم ڪيل اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيلي ٽيشن ڪائونسل قائم ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو جيڪا خصوصي طور تي ملڪ جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ قائم ڪئي وئي آهي. صدر اسلامي ترقياتي بئنڪ ڊاڪٽر محمد سلمان الجاسر چيو ته پاڪستان اسان جو ڀائر ملڪ آهي جنهن سان تعاون جاري رکنداسين. وزيراعظم ڊاڪٽر محمد سلمان الجاسر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.
متعلقہ مضامین
-
CM Punjab meets Speaker of Punjab Assembly and acting governor
-
Pak Army soldier martyred in cross-LoC firing: ISPR
-
Imran to meet Trump twice during US visit
-
Pak Army soldier martyred in cross-LoC firing: ISPR
-
Mandokhel to assume charge as BHC CJ
-
Reports about Saudi, UAE ministers’ remarks on Kashmir ‘speculative’: FO
-
Pak Army soldier martyred in cross-LoC firing: ISPR
-
Top army, navy officers visit SC
-
Non-bailable arrest warrant issued against PTI leader Aleem Khan
-
Federal govt conspiring to divide Sindh: Khuhro
-
PPP MPA Syed Ghulam Shah Jilani passes away
-
Court permits Zardari to have AC if recommended by medical officer