سيالڪوٽ -16 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف جي اڳواڻي ۾ سيالڪوٽ سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ سيالڪوٽ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز (ايس سي سي آءِ) جي صدر ۽ ٻين عهديدارن ملاقات ڪئي، وفد آءِ ايم ايف معاهدي جي حتمي منظوري ۽ ملڪ جي معاشي بحالي تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي مفادن لاءِ سخت فيصلن ۾ گڏ رهڻ تي وفد جي ميمبرن جو شڪريو ادا ڪيو. وزيراعظم کي سيالڪوٽ چيمبر کي درپيش مسئلن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم ايڪسپورٽرز کي درپيش مشڪلاتن کي حل ڪرڻ لاءِ ون ونڊو آپريشن سهولت مرڪزن جي قيام ۽ ان سان لاڳاپيل پاليسي جوڙڻ ۽ سيالڪوٽ جي انتظاميه کي قومي شاهراهن جي تعمير ۽ موجوده شاهراهن جي مرمت ۽ بحالي جي هدايت ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
Sino-India Border Clashes: Implications for South Asian Strategic Environment
-
HBFC opens newly branch in Mardan
-
Court to deliver verdict in child pornography case next week
-
Decisive actions required to control foot and mouth disease in animals
-
Political, military leaders vow joint efforts against Covid-19
-
Indian diplomat summoned to register protest over LoC violations
-
Political, military leaders vow joint efforts against Covid-19
-
Comprehensive strategy in place on Covid-19 vaccine: ministry
-
Pakistan Navy’s role to grow amid ongoing CPEC projects: CNS
-
Comprehensive strategy in place on Covid-19 vaccine: ministry
-
Regional countries interested in becoming part of CPEC: NA speaker
-
CIIE to help boost Pakistan’s exports to China: envoy