اسلام آباد – 03 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جبل چاڙهو نائله ڪياني ۽ ثمينه بيگ کي دنيا جي نئين بلند ترين چوٽيءَ نانگا پربت سر ڪرڻ تي مبارڪباد ۽ شاباس ڏيندي چيو آهي ته دنيا جي سڀ کان بلند چوٽيءَ مائونٽ ايوريسٽ کانپوءِ خطرناڪ ترين چوٽيءَ نانگا پربت سر ڪندڙ پهرين عورت هجڻ جو اعزاز حاصل ڪري هن هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جو نالو دنيا ۾ بلند ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ثمينه بيگ ۽ نائله ڪياني ثابت ڪيو ته انهن جي همت، عزم ۽ ارادا بلند جبلن کان به بلند آهن، ثمينه بيگ ۽ نائله ڪياني پاڪستاني باهمت عورتن جون نمائنده آهن جيڪي جفاڪشي، بلند ارادي ۽ مقصد کي ماڻڻ جي جستجو ۾ ڪنهن کان پٺتي نه آهن. هن دعا ڪئي ته ثمينه بيگ، نائله ڪياني ۽ ان جهڙيون قوم جون ٻيون ڌيئرون اهڙي طرح دنيا ۾ پاڪستان جو نالو بلند ڪنديون رهن ۽ ڪامرانيون سهيڙينديون رهن. واضح رهي ته وزيراعظم مئي 2023ع ۾ نائله ڪياني کي ستاره امتياز جو اعزاز عطا ڪيو هو. نائله ڪياني ٻي پاڪستاني عورت جبل چاڙهو آهي جنهن مائونٽ ايوريسٽ سر ڪيو هو. ثمينه بيگ پهرين پاڪستاني عورت جبل چاڙهو هئي جنهن مائونٽ ايوريسٽ سر ڪيو هو.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan moving towards ‘Renaissance of Muslims’ in line with Allama Iqbal philosophy: president
-
Imran Khan’s assets valued at Rs 80.6m: ECP
-
Iranian FM in Pakistan to discuss security, trade relations
-
1,637 new Covid cases, 23 deaths across country
-
Should Pakistan celebrate Biden presidency?
-
Four laborers died at Lakhra coal mines
-
Iranian FM Javad Zarif meets COAS Bajwa
-
Malaysian High Commissioner visits RCCI
-
Malaysian High Commissioner visits RCCI
-
Iranian FM Javad Zarif meets COAS Bajwa
-
Additional Sessions Judge Lahore Azfar Sultan Syed died of corona virus
-
ADHD patients are likely to be victims of cyber bullying