ڪوئيٽا – 31 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي گڏيل تڪرارن ۽ ٽڪراءُ جي صورتحال کان بچڻ جي لاءِ معمولي نوعيت جي ڪيسن کي جلد اڪلائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عوامي خدمت ۽ گڊ گورننس جي فروغ ۾ وفاقي ۽ صوبائي محتسبن جو اهم ڪردار آهي. هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي صدر چيو ته 2017ع ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت سان هن روايتي عدالتي نظام تي بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ تڪرارن جي متبادل حل بابت هڪ بل جي منظوري جي لاءِ فعال طور تي ڪم ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سيڪيورٽي مسئلن جي ڪري ”زوم ميٽنگز“ جهڙي آن لائين سيٽ اپ جي اهتمام جو تجربو به ڪيو ويو آهي ته جيئن عام ماڻهن کي وقت سر انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. صدر چيو ته هن گذريل رات وفاقي محتسب جي 10 ڪيسن کي اڪلايو ۽ عام طور تي هو اپيلن جي ڪيسن کي رڳو ڪجهه ڪلاڪن ۾ اڪلائي ڇڏي ٿو. صدر محتسب جي ڪردار بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ڇو ته هن وقت تمام گهٽ ماڻهو ان جي ڪردار کان واقف آهن. هن سرڪاري آفيسرن ۽ عام ماڻهن جي وچ ۾ رابطن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته اسلام معاشري ۾ امن ۽ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ماڻهن کي صبر ۽ درگذر ڪرڻ جو درس ڏي ٿو. ڪا به قوم صحيح معنيٰ ۾ اسلام جي قدرن ۽ تعليم تي عمل پيرا ٿئي ته ان کي ڪنهن غيرملڪي امداد جي ضرورت نه آهي. حضور نبي اڪرم ﷺ ۽ پاڻ ﷺ جي صحابه ڪرام جي زندگي جي معيار جو ذڪر ڪندي صدر ملڪ جي ايگزيڪيوٽوز کي پڻ چيو ته اهي ان جي پيروي ڪن ۽ عام ماڻهو جي زندگي جي معيار کي اختيار ڪن. عورتن جي حقن جي اهميت ۽ معاشري ۾ انهن جي شموليت بابت ڳالهائيندي صدر چيو ته اسلام پهريون مذهب آهي جنهن عورتن کي وراثت فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو آهي ۽ قرآن مجيد ۾ ان تي وضاحت سان زور ڏنو ويو آهي. زندگي جي هر شعبي ۾ عورتن جي شرڪت کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي صدر عارف علوي چيو ته ملڪ جي 52 سيڪڙو آبادي کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، عورتن کي اڳتي وڌڻ جي لاءِ موقعا ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
متعلقہ مضامین
-
Four people injured in bomb explosion in Karachi
-
Accountability process to continue without discrimination: Buzdar
-
SC forms commission to oversee utilisation of Bahria Town funds
-
NAB committed to root out corruption from country: chairman
-
FATF to decide Pakistan’s case tomorrow
-
Govt moves to bring back Nawaz Sharif
-
Govt moves to bring back Nawaz Sharif
-
641 VIPs fined during ongoing year
-
National Assembly to host Pak-Afghan seminar on trade, investment
-
Court orders to provide Shehbaz Sharif mattress, chair and home cooked food
-
PM stresses ease for the poor in getting bank loans
-
ISI, Rangers get orders from PM, says Shahid Khaqan Shibli reminds PML-N of Model Town women