اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کي خاطري ڪرائي آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي جاري پروگرام کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم شهباز شريف سان آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي گهري همدردي ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ان مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد جو عزم ڪيو. وزيراعظم ٻوڏ جي نقصانن تي همدردي ۽ افسوس تي آءِ ايم ايف جي ايم ڊي جا ٿورا مڃيندي جنيوا ۾ 9 جنوري تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. آءِ ايم ايف جي ايم ڊي وزيراعظم پاران ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت تي سندس ٿورا مڃيندي وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته آءِ ايم ايف جي بورڊ جو 9 ۽ 10 جنوري تي اجلاس اڳ ۾ طئي ٿيل آهي ان لاءِ هو ورڇوئل طور ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي سگهندي. وزيراعظم ايم ڊي فنڊ کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي جاري پروگرام کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم پاڪستان کي درويش چئلينجز جي ادراڪ ۽ همدردي تي ايم ڊي جا ٿورا مڃيا.
متعلقہ مضامین
-
KKH maintenance work to start within a week: Mushtaq Ghani
-
FIR registered against UAF ex-VC, registrar
-
TTS faculty decries HEC ‘failure’ to resolve their issues
-
Tailgating or tolerance — Your weapon of choice to win the race?
-
SC accepts appeal by Daniel Pearl’s family against Sheikh’s acquittal
-
Shehbaz Sharif’s arrest will only ‘add fuel to the fire’: Maryam
-
Pakistan will not ‘back off’ from facilitation of Afghan peace: FM
-
Indian army martyrs soldier, teenage boy along LoC
-
Blast at iron scrap dealer’s junkyard kills 5 in Nowshera
-
WHO chief lauds Pakistan’s strategy to fight Covid-19
-
NAB granted 14-day physical remand of Shehbaz Sharif
-
Pakistan registers protest with Indian diplomat over ceasefire violation