اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ معاشي بحالي، توانائي جي کوٽ جي خاتمي لاءِ اجلاس ٿيو. توانائي جي بچت جو قومي هنگامي پلان تيار ڪيو ويو آهي جنهن سان امپورٽ بل ۾ نمايان ۽ واضح گهٽتائي ٿيندي، غيرمعمولي صورتحال ۾ غيرمعمولي قدمن جو فيصلو ڪيو ويو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ايمرجنسي بچت پلان حتمي منظوري جي لاءِ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو. سمورن وڏن وزيرن کي به ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ گهرايو ويندو. انرجي بچت پلان تي صوبن سان گڏجي عملدرآمد ٿيندو. هن چيو ته بجلي چورن جي خلاف ڪريڪ ڊائون جو به فيصلو ڪيو ويو، نجي ۽ سرڪاري عمارتن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ به پلان جو حصو آهي. هن ٻڌايو ته هنگامي توانائي بچت پلان جو مقصد عوام ۽ معيشت تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ آهي ڇو ته عاليم منڊي ۾ تيل سميت ٻارڻ جي قيمت ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو درآمدي بل 29 بلين ڊالر ساليانو آهي، رپين ۾ اها رقم 6 کرب رپين کان وڌيڪ آهي، توانائي بچت پلان جي نتيجي ۾ 13 بلين ڊالر ساليانو جي بچت جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي جيڪا پاڪستاني رپين ۾ 262 ارب رپين کان وڌيڪ رقم بڻجي ٿي. هن چيو ته غيرمعمولي حالتن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ غيرمعمولي قدم لازمي آهن جنهن ۾ هر پاڪستاني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سمورن صوبن کي گڏجي نيشنل ڪنزرويشن پلان تي عمدلرآمد ڪرڻو پوندو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته توانائي جي بچت پاڪستان جي بقاءَ جو مسئلو آهي.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan expects incoming Chinese envoy to promote business ties, boost CPEC
-
Pakistan expects incoming Chinese envoy to promote business ties, boost CPEC
-
Not registering an FIR tantamount to helping the oppressor: IGP
-
Senate committee slams CCPO Lahore for conflicting remarks over motorway case
-
Shehbaz Sharif’s arrest will only ‘add fuel to the fire’: Maryam
-
Shehbaz Sharif’s arrest will only ‘add fuel to the fire’: Maryam
-
Soldier martyred in firing by terrorists in Waziristan: ISPR
-
Soldier martyred in firing by terrorists in Waziristan: ISPR
-
Primary schools open from today across country
-
Afghan peace negotiator urges ‘new era’ in ties with Pakistan
-
Meesha Shafi and eight others booked by FIA cyber crime wing for a defamation campaign against Ali Zafar
-
Pakistan calls for one-year extension in G20 debt relief for poor countries