استنبول – 26 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه سياحت جي شعبي ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ خاص طور تي پاڪستان جي سامونڊي علائقن، سنڌ، پنجاب ۽ اترين علائقن ۾ سياحت جي فروغ ۽ گڏيل منصوبن، سياحت جي لاءِ سامونڊي جهاز ۽ ٻيڙيون هلائڻ جي امڪانن جي تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف کي ترڪيه جي واپار واري وزير ڊاڪٽر محمد موس سياحت جي شعبي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. وزيراعظم شهباز شريف کي بريفنگ جي لاءِ سامونڊي سفر پڻ ڪرايو ويو. وزيراعظم شهباز شريف کي ترڪيه جي وزير پنهنجي حڪومت جي سياحت بابت پاليسي تي بريف ڪيو. پاڪستاني سيڙپڪارن جي لاءِ ترڪيه ۾ بزنس جي موقعن کان پڻ آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ترڪيه جي سياحت جي شعبي سان لاڳاپيل ڪمپنين جا سربراهه پڻ موجود هئا. ان موقعي تي پاڪستان ۽ ترڪيه ۾ سياحت جي شعبي ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان جي سامنڊي علائقن، سنڌ، پنجاب ۽ اترين علائقن ۾ سياحت جي فروغ ۽ گڏيل منصوبن جي امڪانن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. سياحت جي لاءِ سامونڊي ۽ ٻيڙيون هلائڻ جي امڪانن جي تجويزن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
متعلقہ مضامین
-
Russia and Pakistan key stakeholders in Afghan peace: envoy
-
Russia and Pakistan key stakeholders in Afghan peace: envoy
-
South Africa win toss, to field against Pakistan in series decider
-
Asia Bibi can travel anywhere in the world: FO
-
Asia Bibi can travel anywhere in the world: FO
-
Asia Bibi can travel anywhere in the world: FO
-
Senate panel approves bill to raise marriage age limit to 18 years
-
Talpur, Majeed file review pleas in fake bank accounts case
-
West Indies women outclass Pakistan women by 71 runs in first T20
-
Court delays hearing of Barrister Fahad Malik’s murder case
-
Court delays hearing of Barrister Fahad Malik’s murder case
-
New visa regime shows how progressive Pakistan is: Chinese ambassador