اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آبادگار پئڪيج تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ آبادگارن کي ٽيوب ويل تي سبسڊي ڏئي رهي آهي، گوادر بندرگاهه کي فعال ڪرڻ جي لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن آبادگار پئڪيج تي عملدرآمد جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، طارق بشير چيما، انجنيئر خرم دستگير خان، مريم اورنگزيب، مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته آبادگار پئڪيج تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ آبادگارن کي ٽيوب ويل تي سبسڊي ڏئي رهي آهي، حڪومت هن مشڪل وقت ۾ پنهنجي آبادگارن کي ايندڙ فصل جي لاءِ هر قسم جي مدد فراهم ڪري رهي آهي. هن هدايت ڪئي ته ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جي 50 سيڪڙو ڪارگو جي لاءِ گوادر پورٽ کي استعمال ڪيو وڃي. هن چيو ته بلوچستان جي ترقي لاءِ گوادر بندرگاهه جو مڪمل فعال هجڻ اهم آهي، گوادر بندرگاهه کي فعال ڪرڻ جي لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا. اجلاس کي آبادگار پئڪيج تي عملدرآمد تي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي آبادگارن کي ٽيوب ويل تي ڏني ويندڙ سبسڊي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ آبادگارن کي ايندڙ فصل جي لاءِ ڏني ويندڙ سهولت ۽ مدد تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
متعلقہ مضامین
-
Tailgating or tolerance — Your weapon of choice to win the race?
-
CM reviews progress on economic zones project
-
Economic growth through infrastructure development
-
Tailgating or tolerance — Your weapon of choice to win the race?
-
SC accepts appeal by Daniel Pearl’s family against Sheikh’s acquittal
-
Gulf companies keen to invest in Gwadar Free Zone: Asim Bajwa
-
Army captain martyred in clash with terrorists
-
Shehbaz behind bars, once again
-
Senate committee slams CCPO Lahore for conflicting remarks over motorway case
-
Blast at iron scrap dealer’s junkyard kills 5 in Nowshera
-
NAB granted 14-day physical remand of Shehbaz Sharif
-
Blast at iron scrap dealer’s junkyard kills 5 in Nowshera