استنبول – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر استنبول ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ميمبر ملڪن جي ترقياتي منصوبن ۾ بئنڪ جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته اي سي او بئنڪ سان پاڪستان جا پراڻا لاڳاپا ساراهه جوڳا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان موقعي تي چيو ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن پاڪستان مالي ۽ ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، هي امداد انتهائي اهم آهي. هن چيو ته ميمبر ملڪن جي ترقياتي منصوبن ۾ اي سي او بئنڪ جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. ملاقات دوران اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف کي آگاهه ڪندي ٻڌايو ته بئنڪ پاڪستان کي 150 ملين يورو جو قرض ڏيندي. هن چيو ته اهو فنانشل پئڪيج ٻوڏ سٽيلن جي امداد ۽ تيل جي درآمد تي خرچ ٿيندو. وزيراعظم اي سي او بئنڪ جي ڪردار کي ساراهيو.
متعلقہ مضامین
-
Healthy lifestyle can help reduce heart diseases, say: experts
-
Healthy lifestyle can help reduce heart diseases, say: experts
-
Gulf companies keen to invest in Gwadar Free Zone: Asim Bajwa
-
Zardari, Talpur indicted in money laundering case
-
Money laundering case: non-bailable arrest warrants for Shehbaz’s wife, daughter issued
-
Opp submits requisition to convene PA session to discuss Shehbaz’s arrest
-
Money laundering case: non-bailable arrest warrants for Shehbaz’s wife, daughter issued
-
Blast at iron scrap dealer’s junkyard kills 5 in Nowshera
-
NAB to summon Maulana Fazl in assets beyond means inquiry
-
Zardari should be given online hearing facility: Rehman Malik
-
Zardari should be given online hearing facility: Rehman Malik
-
Motorway rape victim agrees to record statement, identify culprit: reports