اسلام آباد- 10 نومبر (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته پاڪستان ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. آئيس لينڊ ۾ گلوبل فورم ويمن ليڊرشپ کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي برساتن سبب وڏي پئماني تي ٻوڏ جي ڪري نقصان ٿيو جيڪو پاڪستان ۾ ان کان پهرين ڪڏهن ناهي ٿيو، ٻوڏ سبب 3 ڪروڙ 30 لک (33 ملين) ماڻهو بي گهر ٿيا، جيڪو ڪيترن ئي ملڪن جي ڪل آبادي کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته متاثر ماڻهن ۾ تقريبن 6 لک 50 هزار ڳورهارين عورتن کي ويم بابت سهولتن جي ضرورت آهي. شازيه مري چيو ته کيس پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ ڪامياب سماجي تحفظ واري پروگرام بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جو سربراهه هجڻ تي فخر آهي، پاڪستان جا تقريبن 80 لک خاندان بي آءِ ايس پي سان جڙيل آهن. اسان انهن خاندانن کي ڪيش رليف فراهم ڪري رهيا آهيون، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) ذريعي عوام کي غذائيت ۽ تعليم جي ترغيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.
متعلقہ مضامین
-
KKH maintenance work to start within a week: Mushtaq Ghani
-
Not registering an FIR tantamount to helping the oppressor: IGP
-
FIR registered against UAF ex-VC, registrar
-
FIR registered against UAF ex-VC, registrar
-
Tailgating or tolerance — Your weapon of choice to win the race?
-
FIR registered against UAF ex-VC, registrar
-
Economic growth through infrastructure development
-
Shehbaz Sharif’s arrest will only ‘add fuel to the fire’: Maryam
-
Zardari, Talpur indicted in money laundering case
-
Shehbaz Sharif’s arrest will only ‘add fuel to the fire’: Maryam
-
Gulf companies keen to invest in Gwadar Free Zone: Asim Bajwa
-
Shehbaz behind bars, once again