اسلام آباد– 10 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته زبانون بند ڪرڻ وارا اڄ روڊ بند ڪري رهيا آهن، عمران خان جي ڪري ملڪ ۾ فساد، انتشار ۽ نفرت پکڙيل آهي، عمران خان رستا بند ڪري ڪهڙا مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿو؟ پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان جي ڪري اڄ اسڪولن ۽ اسپتالن جا رستا بند آهن، عمران خان جيڪو پيسو رستا بند ڪرڻ ۽ جلاءُ گهيراءُ تي خرچ ڪري رهيو آهي اهو ٻوڏ متاثرين جي بحالي تي لڳائي چڏي ها، عمران نيازي جيڪو پيسو باهه لڳائڻ ۾ لڳائي رهيو آهي اهو ٻوڏ متاثرين جي کاڌي پيتي ۽ گرم ڪپڙن تي لڳائي ڇڏي ها. هن چيو ته جيڪو پيسو ٽائر ساڙڻ تي لڳائي رهيو آهي اهو ٻوڏ متاثرن جي چلهي ٻارڻ ۾ لڳائي چڏي ها، عمران خان جيڪو پيسو اسڪول ۽ اسپتال بند ڪرائڻ تي لڳائي رهيو آهي اهو پنجاب ۽ خيبرپختواهه ۾ اسڪول ۽ اسپتالن تي لڳائي ڇڏي ها. هن چيو ته عمران نيازي جو مقصد ملڪ ۾ انتشار، فساد ۽ فتنو پکيڙڻ آهي، هي اهو ڊهيٽ ۽ فسطائي ماڻهو آهي، جنهن ٻوڏ متاثرين جي امداد تي به سياست ڪئي، عمران نيازي چئن سالن تائين عوام کي کاڌي پيتي، بجلي، گيس، دوا کسي ۽ روزگار بند ڪيو ۽ اڄ روڊ بند ڪري رهيو آهي. هن چيو ته چار سال عوام جي دوا بند ڪرڻ وارو اڄ مريضن جو رستو بند ڪري رهيو آهي.
متعلقہ مضامین
-
Pak-China cooperative partnership getting stronger under CPEC
-
Kashmir to stay on UN’s agenda till ‘impartial plebiscite’: FO
-
Pakistan Army releases song to pay tribute to martyrs, heroes
-
16 killed in Bangladesh mosque gas explosion
-
Pakistan Army releases song to pay tribute to martyrs, heroes
-
Kashmir to stay on UN’s agenda till ‘impartial plebiscite’: FO
-
Imarat Group wins ICCI Achievement Award
-
Heavy rains leave hundreds of villages in Sindh, Punjab submerged
-
Collaboration among departments must to restore ecosystems: Gul
-
Shibli pays glowing tributes to martyrs, ‘Ghazis’ on Defence Day
-
Man kills brother who allegedly wanted to marry his sister-in-law
-
No one will be rendered homeless in drive against encroachments