اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان آسٽريا جي هم منصب اليگزينڊر شلن برگ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان آسٽريا سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان آسٽريا کي يورپي يونين جو اهم ملڪ سمجهي ٿو. شاهه محمود قريشي چيو ته دوري سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائن ۾ مدد ملندي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته تازو ئي وزيراعظم آسٽريا جي چانسلر ڪارل نيهمر سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ٻطرفي لاڳاپن جي مختلف رخن تي گفتگو ڪئي، هن چيو ته پاڪستان ۽ آسٽريا جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۾ اضافي جا وسيع امڪان موجود آهن، آسٽريا جي ڪمپنين جي لاءِ پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي، سياحت، هائوسنگ، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن، سي پيڪ جي خصوصي اقتصادي زونز، آسٽريا جي سيڙپڪارن جي لاءِ پرڪشس مراعتن ۽ ٽيڪس جي چوٽ جي پيش نظر سيڙپڪاري جا پُرڪشش موقعا موجود آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان کي اميد آهي ته آسٽريا هن سال جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي چوٿين ٻه ساله جائزي ۾ پاڪستان جي حمايت جاري رکندو. پاڪستان ۽ آسٽريا جي وچ ۾ ٽيڪنيڪي ۽ پيشيوراڻي شعبن ۾ مضبوط رابطا موجود آهن.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan, Qatar discuss bilateral ties, trade cooperation
-
Hearing of NAB appeals against Nawaz deferred
-
Our focus is on developing and modernising agriculture sector: KhusRo Bakhtiar
-
Over 15,000 people placed on blacklist, Senate panel told
-
IHC rejects petition against Shehbaz’s election as PAC chief
-
SC asks government for action in Perveen Rehman case
-
Protest over growing state lawlessness against citizens
-
Over 15,000 people placed on blacklist, Senate panel told
-
Govt to launch youth entrepreneurship program next month
-
SC asks government for action in Perveen Rehman case
-
UNGA lauds army’s role in war on terror
-
Shehbaz seeks bail on medical grounds