اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 105 فوتگيون ٿيون جنهن مان 33 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 5 هزار 312 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 81 سيڪڙو، لاهور ۾ 79 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 88 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 68 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 84 سيڪڙو، راولپنڊي ۾ 64 سيڪڙو، گجرات ۾ 80 سيڪڙو ۽ گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 54 هزار 948 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 9 هزار 392، پنجاب ۾ 25 هزار 871، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 90، اسلام آباد ۾ 8 هزار 711، بلوچستان ۾ هڪ هزار 257، گلگت بلتستان ۾ 467، آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 160 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 25 هزار 789 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 509 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 69 هزار 811 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 7 لک 10 هزار 829 آهي.
متعلقہ مضامین
-
PM apprised on legislation to criminalize enforced disappearance
-
LHC annoyed over NAB for failing to submit reply
-
“US is very serious in troops withdrawal”: Taliban chief negotiator
-
Extension in special powers granted to Rangers signed by Sindh govt
-
Police needs to change its conduct and behaviour towards people: Buzdar
-
SC dismisses review petition against Asia Bibi’s acquittal
-
PPP ready for ‘long march’ to protect 18th Amend: Bilawal
-
SC dismisses review petition against Asia Bibi’s acquittal
-
Sehat Sahulat Program: 15 m families to get health card
-
Asia Bibi can travel anywhere in the world: FO
-
SC dismisses review petition against Asia Bibi’s acquittal
-
Asia Bibi can travel anywhere in the world: FO