ڪراچي – 15 فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته موجوده حڪومت عورتن کي بااختيار بڻائڻ ، انهن جي لاءِ ڪم جي حالتن کي سازگار بڻائڻ، هراسمينٽ کان تحفظ ۽ معاشري ۾ ترقي جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان جي روشن معاشي مستقبل جي لاءِ عورتن کي بااختيار بڻائڻ اڻٽر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي مناسبت سان ٿيندڙ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جو آئين عورتن کي انهن جي برابر بنيادي حقن جي ضمانت ڏي ٿو ۽ موجوده حڪومت زندگي جي هر شعبي ۾ انهن جي حقن جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. ثمينه علوي چيو ته پاڪستان ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ جي حوالي سان قانونسازي ۽ معاشري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي، هن چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ معاشري جي گڏيل ذميداري آهي، ان ڏس ۾ هر ماڻهو کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، هن عورتن جي لاءِ ڪم واري ماحول کي وڌيڪ سازگار بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
متعلقہ مضامین
-
Police needs to change its conduct and behaviour towards people: Buzdar
-
Chinese consulate attack ‘facilitator’ arrested in UAE
-
Senate body rejects JIT; demands judicial probe into Sahiwal tragedy
-
Zardari disqualification petition: political fights should be fought in parliament: IHC
-
PPP ready for ‘long march’ to protect 18th Amend: Bilawal
-
Sahiwal encounter illegal
-
Senate panel approves bill to raise marriage age limit to 18 years
-
Chinese New Year celebrated at RME
-
Govt in attempt to bring 5G technology in Pakistan, Minister for IT
-
Abducted neurosurgeon returns home safely after 48 days
-
New visa regime shows how progressive Pakistan is: Chinese ambassador
-
By empowering smaller provinces, people’s problems will be resolved faster: NA speaker