اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا وفاقي حڪومت جي ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو اضافي، پهرين مارچ کان سمورين معاشي سرگرمين کي مڪمل طور تي بحال ڪرڻ ۽ مختلف مقررين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، حڪومت جي ڪوشش آهي ته ايندڙ عام چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ ذريعي ٿين ۽ سمنڊ پار پاڪستانيز اليڪٽرانڪ ووٽنگ ۾ حصو وٺي سگهن، صدر جي مشاورت سان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون هڻڻ جي لاءِ گهربل سمورن انتظامي قدمن ۽ مرحلن جي نشاندهي ڪئي ويندي، ڪابينا جنسي ڏوهن جي واقعن جو سخت نوٽيس وٺندي ان حوالي سان سامهون ايندڙ رپورٽن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، حڪومت سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، سپريم ڪورٽ کان رهنمائي، آرڊيننس جاري ڪرڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ ترميمي بل پيش ڪرڻ جو مقصد سينيٽ چونڊون شفاف بڻائڻ آهي، موجوده حڪومت چونڊ عمل کي مڪمل طور تي شفاف بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا کي ڪورونا وائرس جي صورتحال ۽ ڦهلاءُ جي شرح بابت بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪورونا جي ڪيسز جي انگ ۽ ڦهلاءُ جي شرح ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ڪورونا ويڪسين فرنٽ لائين ورڪرز کي لڳائي پئي وڃي. هيستائين اٽڪل 50 هزار فرنٽ لائين ورڪرز کي ويڪسين لڳائي وئي آهي ۽ ان عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو پيو وڃي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته 65 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن جي لاءِ 1166 نمبر فراهم ڪيو ويو جتي ويڪسين جي لاءِ اهي پنهنجي سڃاڻپ ڪارڊ جي داخلا ۽ رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿا. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته نجي شعبي پاران ويڪسين جي درآمد ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويو آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته پهرين مارچ کان سمورين معاشي سرگرمين کي مڪمل طور تي بحال ڪيو ويندو. وزيراعظم ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون هڻڻ جي حوالي سان اڳڀرائي بابت معلوم ڪيو. وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت چونڊ عمل کي مڪمل طور تي شفاف بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم چونڊ سڌارا ڪميٽي کي هدايت ڪئي ته صدر جي مشاورت سان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون هڻڻ جي لاءِ گهربل سمورن انتظامي قدمن ۽ مرحلن جي نشاندهي ڪئي وڃي ۽ ان حوالي سان ٽائيم لائينز مقرر ڪيون وڃن. وزيراعظم چيو ته چونڊ عمل جي مڪمل طور تي شفافيت کي يقيني بڻائڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. جبري گمشدگين جي معاملي جي حوالي سان ڪابينا ان ڳالهه کي ورجايو ته موجوده حڪومت مڪمل طور تي شفافيت ۽ قانون جي عملداري تي پڪو يقين رکي ٿي. وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته ان حوالي سان پارليامينٽ ۾ قانون آڻڻ جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. ڪابينا جنسي ڏوهن جي واقعن جو سخت نوٽيس وٺندي ان حوالي سان سامهون ايندڙ رپورٽن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته انهن ڏوهن جي روڪٿام جي حوالي سان قانون لاڳو ڪرڻ ۽ قدمن کي يقيني بڻايو وڃي. ڪابينا موجوده حڪومت پاران عورتن کي ملڪيت ۾ انهن جو حق ڏيارڻ جي قانون کي ساراهيندي هدايت ڪئي ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي ملڪيتن جي معاملن جي فوري حل جي حوالي سان قانون جي عمل کي به تيز ڪيو وڃي.
متعلقہ مضامین
-
Russia and Pakistan key stakeholders in Afghan peace: envoy
-
Police needs to change its conduct and behaviour towards people: Buzdar
-
PPP ready for ‘long march’ to protect 18th Amend: Bilawal
-
Senate body rejects JIT; demands judicial probe into Sahiwal tragedy
-
Senate panel approves bill to raise marriage age limit to 18 years
-
Govt introduces one window option to register new companies online
-
Senate panel approves bill to raise marriage age limit to 18 years
-
South Africa win toss, to field against Pakistan in series decider
-
Asia Bibi can travel anywhere in the world: FO
-
Pakistan conducts another successful launch of surface to surface ballistic missile “Nasr”
-
Asia Bibi free to travel anywhere: FO
-
Chinese New Year celebrated at RME