اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) قائداعظم يونيورسٽي جي ڊفينس اينڊ اسٽريٽجڪ اسٽڊيز شعبي جي شاگردن جي هڪ وفد قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. وفد کي اداري جي آپريشنل معاملن بابت بريفنگ ڏني وئي. شاگردن جي دوري جو مقصد اي پي پي ۾ خبرن جي تياري، متن، فوٽو ۽ وڊيوز سيڪشن سميت مختلف پليٽ فارمز بابت معلومات حاصل ڪرڻ هو. ان موقعي تي اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي قائداعظم يونيورسٽي جي شاگردن کي قومي مفادن جي فروغ ۾ اي پي پي جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن اسٽريٽجڪ ميڊيا اداري جي طور تي پاڪستان جي بهترين مفاد ۾ قومي بيانيي جي فروغ ۾ اي پي پي جي ڪردار تي روشني وڌي. هن چيو ته جعلي پروپئگنڊه جو مقابلو ڪرڻ کانسواءِ اي پي پي سنسني خيزي جي مشق ۾ ملوث ٿيڻ کانسواءِ مستنند ۽ معتبر مواد ڦهلائڻ تي ڌيان ڏنو. هن شاگردن کي ماڊرن نيوز فائلنگ سسٽم جي ذريعي مختلف شعبن جو احاطو ڪندڙ پيشيور صحافين جي ٽيم جي ذريعي اي پي پي جي قومي ۽ عالمي پهچ کان آگاهه ڪيو. اي پي پي جي ايم ڊي قومي سلامتي جي ڏس ۾ ميڊيا سان لاڳاپيل معاملن ۽ مختلف سياسي منظرنامن جي ڪوريج ۾ اي پي پي پاران توازن کي برقرار رکڻ بابت شاگردن جي سوالن جا جواب ڏنا. قائداعظم يونيورسٽي جي وزٽنگ فيڪلٽي ميمبر شازيه محبوب جي قيادت ۾ شاگردن اي پي پي جي مختلف سيڪشنز، سينٽرل نيوز ڊيسڪ، انگلش رپورٽنگ، فارن اينڊ اڪنامڪ ڊيسڪ، اردو نيوز سروس، وڊيو نيوز سروس، اسٽوڊيوز ۽ ڊيٽا سينٽر جو دورو ڪيو. بعد ۾ اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي قائداعظم يونيورسٽي جي شاگردن جي وفد جي قيادت ڪندڙ فيڪلٽي ميمبر شازيه محبوب کي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي. ان موقعي تي اي پي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سبين عثمان خٽڪ، ڊائريڪٽر نيوز شمائله عندليب، ڊائريڪٽر وڊيو نيوز رب نواز باجوه، ڊائريڪٽر ڪرائيم رشيد ملڪ، ڊائريڪٽر آءِ ٽي عدنان بخاري ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.
متعلقہ مضامین
-
Covid-19 claims 32 lives, infects 2,664 more people, positivity rate climbs to 6.6% in Pakistan
-
PTI stages protest decrying arrest, imprisonment of the opposition leader in SA
-
PM orders no increase in gas tariff for next few months
-
ACE recovers Rs 80m in Sindh wheat scam
-
PDM’s anti-govt campaign runs aground: Shibli
-
Seven cities in Punjab to have another smart lockdown
-
PML-N leaders and their foot-in-mouth reflex
-
LHC to hear NAB’s plea seeking Maryam Nawaz’s bail cancellation
-
A seventh-grader dies mysteriously in police custody in Peshawar
-
A seventh-grader dies mysteriously in police custody in Peshawar
-
Pak embassy to arrange puppet show in Beijing to celebrate diplomatic relations anniversary
-
Pakistan became the major importer of arms in Asia