باڪو – 13 – نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران ڪوپ 29 جي موقعي تي ”ڊيليورنگ ارلي وارننگز فار آل اينڊ ايڊرسنگ ايڪسٽريم هيٽ“ جي موضوع تي منعقد هڪ اعليٰ سطحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب موسمياتي تبديلي تي گڏيل قومن جو فريم ورڪ ڪنوينشن ڪوپ 29 باڪو آذربائيجان ۾ منعقد ٿي رهيو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اعليٰ سطحي تقريب کي خطاب ڪندي 2022ع ۾ ارلي وارننگز فار آل قدم شروع ڪرڻ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي قيادت کي ساراهيو. نائب وزيراعظم ماحولياتي تبديلين جي غيرمتوقع ۽ شديد اثرن کان زندگين جي تحفظ ۽ ڪميونٽيز جي تحفظ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن آبهوا سان پيدا ٿيندڙ خطرن بشمول ٻوڏ، برفاني ڍنڍن جي ڦاٽڻ، سوڪهڙي ۽ شديد گرمي جي لاءِ شروعاتي آگاهي نظام جي اهميت تي زور ڏنو. هن گرين هائوس گئسن جي متوقع اخراج کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي اهم قدمن جو خاڪو پيش ڪيو جنهن ۾ گرين پاڪستان پراجيڪٽ، اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي، وڏي پئماني تي مينگرو جي بحالي جو منصوبو ۽ وڏن شهرن ۾ بي آر ٽي ماس ٽرانزٽ سسٽم شامل آهي. نائب وزيراعظم ترقي يافته ملڪن کان به مطالبو ڪيو ته اهي اسرندڙ ملڪن جي آبهوا جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پهچ جوڳي ۽ گرانٽ تي ٻڌل موسمياتي فنانسنگ فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي مالياتي واعدن جو احترام ڪن.
متعلقہ مضامین
-
SHO remanded after 7th class student’s death in custody
-
Environmental pollution be contained with development of forests : Bilawal Bhutto Zardari
-
Reforms necessary to steer railways out of deficit: PM
-
Arrest warrants of former IT secretary issued in USF corruption reference
-
President felicitates chairman Senate on re-election
-
USAID helps reduce power theft, increase revenue in Peshawar
-
Naundero remains neglected under PPP rule
-
Pakistan remains 10th biggest arm importer in 2016-20 with 2.7pc share: Report
-
Ink hurled at Gill causes eye infection; Shibli condemns incident
-
Seminar on Importance of Math held at UO
-
200 acres area burnt to ashes with dozens of cattle died in Lashari Walla jungle fire
-
Pakistan all set to take up controversial talk of hydropower projects with India