اسلام آباد- 15 جولاءِ (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. سومر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد هڪ لک 80 هزار ڪيوسڪ ۽ پاڻي جو ڇوڙ هڪ لک 87 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 67 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ پاڻي جو نيڪال 67 هزار 300 ڪيوسڪ، خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 2 لک 30 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ پاڻي جو نيڪال 2 لک 30 هزار 600 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 28 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ پاڻي جو نيڪال 15هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 50 هزار ڪيوسڪ ۽ نيڪال 22 هزار 200 ڪيوسڪ آهي. ڊيمن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1523.91 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 4.328 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 3.953 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. بئراجن ۾ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، بئراج ۾ پاڻي جي موجوده سطح 644.20 فوٽ، بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.105 ملين ايڪڙ فوٽ آهي.
متعلقہ مضامین
-
Faisal Vawda submitted false affidavit in dual nationality case: IHC
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
AMAN-21-The message resonates
-
Aman-21: the message resonates
-
UN bashes Iran’s deadly crackdown on Balochistan oil smugglers
-
Exorbitant fee of ICT colleges deprive students of higher education
-
Women Champions
-
A Woman of Great Substance
-
CM unhappy with south Punjab secretaries’ performance
-
Is it over for Ghani?
-
Pakistan takes India to task at UN for human rights abuses
-
PM got vote of confidence in NA ‘through coercion’