اسلام آباد -22 جولاءِ (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. سومر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد هڪ لک 71 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ پاڻي جو ڇوڙ هڪ لک 90 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 52 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ پاڻي جو نيڪال 52 هزار500 ڪيوسڪ، خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 2 لک 21 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ پاڻي جو نيڪال 2 لک 21 هزار 600 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 22 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ پاڻي جو نيڪال 15هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 66 هزار 100ڪيوسڪ ۽ نيڪال 38 هزار 300 ڪيوسڪ آهي. ڊيمن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1515.96 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 3.927 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1197 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 4.082 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. بئراجن ۾ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، بئراج ۾ پاڻي جي موجوده سطح 644.00 فوٽ، بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.100 ملين ايڪڙ فوٽ آهي.
متعلقہ مضامین
-
ECP to hear Ali Gillani’s leaked video matter on Thursday
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
Another minor girl raped in Khairpur
-
Aman-21: the message resonates
-
UN bashes Iran’s deadly crackdown on Balochistan oil smugglers
-
Opposition’s demand of mid-term elections unconstitutional: Governor
-
Tax depositors are encouraged to pay tax online. Mukesh Kumar Chawla
-
Tax depositors are encouraged to pay tax online. Mukesh Kumar Chawla
-
Exorbitant fee of ICT colleges deprive students of higher education
-
Covid-19 claims 2 more patients, infects 189 others
-
Covid-19 claims 2 more patients, infects 189 others