اسلام آباد– 26 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري صوبائي حڪومتن تي يتيم ٻارن جي پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته يتيم ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ۽ نگهداشت جي خير جي ڪم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ گهرجي. صدر 15 رمضان المبارڪ اسلامي تعاون تنظيم جي يتمين جي ڏهاڙي جي موقعي تي ٻارن جي لاءِ ايوان صدر ۾ افطار ڊنر جو اهتمام ڪيو. افطار ڊنر جي تقريب ۾ ملڪ جي مختلف شهرن مان آيل يتيم ٻارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر صوبائي حڪومتن تي يتيم ٻارن جي پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته يتيم ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ۽ نگهداشت جي خير جي ڪم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن. صدر چيو ته گلن جهڙن ٻارن سان ملي تمام گهڻي خوشي ٿي، يتيم ٻارن جي ڪفالت ۽ تعليم ۽ تربيت اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. تقريب ۾ آصفه ڀٽو زرداري پڻ موجود هئي. هن پاڪستان جي مختلف شهرن مان آيل يتيم ٻارن سان ملاقات پڻ ڪئي. تقريب کي پاڪستان آرفن ڪيئر فورم جي چيئرمين ايئر مارشل (ر) فاروق حبيب پڻ خطاب ڪيو. هن چيو ته پاڪستان آرفن ڪيئر فورم يتيم ٻارن جي بهترين پرورش ۽ نگهداشت جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، صحتمند معاشرا ڪمزور طبقن خاص طور تي يتيم ٻارن جي واڌويجهه ۽ تعليم ۽ تربيت جو خيال رکن ٿا. هن چيو ته ملڪ ۾ 46 لک جي لڳ ڀڳ يتيم ٻار آهن، ايوان صدر ۾ ٻارن کي گهرائڻ سان انهن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيندو ۽ حوصلا افزائي ٿيندي.
متعلقہ مضامین
-
Graft-buster goes after drug officials
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
AMAN-21-The message resonates
-
Inspiring Women Entrepreneurs in Pakistan’s Energy Sector
-
Another minor girl raped in Khairpur
-
Another minor girl raped in Khairpur