اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چونڊ عمل ۾ عورتن جي فعال ڪردار کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ مقدس فرض آهي، صنفي امتياز جي خاتمي جي شروعات هر گهر کان ٿيڻ گهرجي، رڳو قانون ٺهڻ سان صنفي امتياز جو خاتمو ممڪن نه آهي، عورتن کي برابر حق ڏيڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجي سوچ بدلائڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سائوٿ ايشيا پارٽنرشپ پاڪستان ۽ عورت فائونڊيشن جي اهتمام هيٺ سياست ۾ عورتن جي شموليت جي عنوان سان ٿيندڙ پاليسي فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته عورتون اسان جي آبادي جو اڌ حصو آهن ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ اسان جو مقدس فرض آهي. هن چيو ته مسلمان دنيا ۾ پهرين عورت وزيراعظم پاڪستان مان ٿي. هن چيو ته هر گهر ۾ پٽن ۽ ڌيئرن کي برابر حق ملڻ گهرجن. رڳو قانون ٺهڻ سان صنفي امتياز جو خاتمو ممڪن نه آهي. هن چيو ته عورتون برابر جون شهري آهن انهن جا حق مردن جي برابر آهن. هڪ ماءُ کي بهادري سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته اها پنهنجي ڌيءَ کي به ڪنهن به طور تي اهو تاثر نه ڏي ته هو پنهنجي ڀاءُ کان ڪنهن به طرح گهٽ آهي. چونڊ عمل ۾ عورتن جي شموليت کي لازمي قرار ڏيندي هن چيو ته اليڪشن ڪميشن 16 ڊسمبر کان اڳ ڪنهن به اليڪشن شيڊيول جو اعلان ڪري ڇڏيندي. چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون، ان ۾ ڪنهن کي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته عورتن جي حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون حڪومت کي پنهنجون تجويزون ڏين. عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي حقن لاءِ جيڪو به ممڪن هوندو حڪومت قدم کڻندي.
متعلقہ مضامین
-
ECP to hear Ali Gillani’s leaked video matter on Thursday
-
Graft-buster goes after drug officials
-
Quaid mausoleum sanctity case: Court asks police to probe Maryam, Safdar
-
Quaid mausoleum sanctity case: Court asks police to probe Maryam, Safdar
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
SIREN to develop Conferencing system at Shah Abdul Latif University
-
Inspiring Women Entrepreneurs in Pakistan’s Energy Sector
-
SIREN to develop Conferencing system at Shah Abdul Latif University
-
Shehbaz’s daughter, son-in-law declared proclaimed offenders
-
QAU continues to improve global rankings
-
QAU continues to improve global rankings
-
QAU continues to improve global rankings