اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان کي غزه ۾ جاري تشدد ۽ جاني نقصان تي گهري ڳڻتي آهي، اسان فلسطين جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جي لاءِ انهن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ غزه ۾ فوري جنگ بندي ۽ گهيراءُ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا. وزيراعظم آفيس پاران جاري ٽوئيٽ موجب نگران وزيراعظم چيو ته اسرائيل جو غزه ۾ شهرين کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ تهذيب جي سمورن اصولن جي خلاف ۽ عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته تشدد جي خاتمي کي فلسطيني سرزمين تي سالن جي ڏاڍ ۽ غيرقانوني قبضي ۽ ان جي عوام جي خلاف جابراڻي پاليسين جي ڏس ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي. گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کي گهيريل غزه تائين فوري طور تي گهربل امدادي سامان جي چرپر جي لاءِ محفوظ ۽ غيرمحدود انساني لنگهه کولڻ جي لاءِ ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان غزه جي تيزي سان خراب ٿيندڙ صورتحال تي او آءِ سي ۽ ان جي ميمبر ملڪن سان ويجهي رابطي ۾ آهي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني 18 آڪٽوبر تي او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي هنگامي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ۽ غزه جي ماڻهن جي تڪليفن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ فوري قدمن تي زور ڏيندو.
متعلقہ مضامین
-
Minister opens Swat media housing society
-
NEPRA chief for steps to avoid cyber-attack on power installations
-
Pak-China ties to continue growing: Moeed
-
European investors may set up industries in Pakistan, says EU diplomat
-
Govt committed to promoting agriculture, address problems of growers: PM
-
KP CM stresses for adding more road projects to CPEC portfolio
-
Govt plans first $500m green bond to fund hydropower projects
-
COAS, US Centcom chief discuss Afghan peace process
-
Opp trying to buy PTI lawmakers after failure of PDM’s plans: PM
-
India gives $500m to terror outfits to intensify proxy war against Pakistan
-
Opp trying to buy PTI lawmakers after failure of PDM’s plans: PM
-
Opp trying to buy PTI lawmakers after failure of PDM’s plans: PM