نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف سان ملاقات ڪئي. ٻنهي ڌرين سياسي، واپاري، اقتصادي، سلامتي، دفاع ۽ رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم گذريل ڪجهه سالن ۾ ٻطرفي تعاون جي وڌندڙ سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان رفتار کي برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ترجيحي واپاري معاهدي (پي ٽي اي) ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ (يو ٽي ٽي اي) کي فعال ڪرڻ سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ ٽرانزٽ کي فروغ ملندو. ٻنهي ڌرين علائقائي اقتصادي انضمام کي فروغ ڏيڻ ۽ بين العلائقائي رابطن جي لاءِ فعال ڪردار اداڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي وقت سر تڪميل جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن اهو به چيو ته علائقائي رابطن، واپار ۽ اقتصادي انضمام جو افغانستان تي به مستحڪم اثر پوندو. هن خطي جي تازي اڳڀرائي ۽ علائقائي سلامتي ۽ استحڪام سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
NEPRA chief for steps to avoid cyber-attack on power installations
-
Minister opens Swat media housing society
-
NEPRA chief for steps to avoid cyber-attack on power installations
-
Pak-China ties to continue growing: Moeed
-
European investors may set up industries in Pakistan, says EU diplomat
-
Govt committed to promoting agriculture, address problems of growers: PM
-
KP CM stresses for adding more road projects to CPEC portfolio
-
Govt plans first $500m green bond to fund hydropower projects
-
COAS, US Centcom chief discuss Afghan peace process
-
Opp trying to buy PTI lawmakers after failure of PDM’s plans: PM
-
India gives $500m to terror outfits to intensify proxy war against Pakistan
-
Opp trying to buy PTI lawmakers after failure of PDM’s plans: PM