اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته حڪومت سپريم ڪورٽ جي نيب ترميم ڪيس جي حوالي سان تفصيلي فيصلي جو انتظار ڪري رهي آهي، تفصيلي فيصلو ملڻ تي قانون واري وزارت ۽ اسان جا قانوني ماهر ان جو جائزو وٺندا، بجيٽ ۾ چونڊن جي لاءِ رقم رکي وئي آهي، چونڊن جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جون سموريون ضرورتون پوريون ڪيون وينديون. اها ڳالهه هن توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي ۽ ناڻي واري نگران وفاقي وزير شمشاد اختر سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران چئي. نيب ترميمن تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي بابت صحافي جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته حڪومت سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي جو انتظار ڪري رهي آهي، تفصيلي فيصلو ملڻ تي قانون واري وزارت ۽ اسان جا قانوين ماهر ان جو جائزو وٺندا ۽ ان جي روشني ۾ اڳتي جي حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته بجيٽ ۾ چونڊن جي لاءِ رقم رکي وئي آهي، هن وقت تڪبندين جو ڪم هلي رهيو آهي، اسان جي ڪمٽمنٽ آهي ته چونڊن جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي سيڪيورٽي ۽ مالي وسيلن سميت سموريون ضرورتون پوريون ڪيون وينديون.
متعلقہ مضامین
-
I unearthed Chiniot mines scam, not NAB: Shehbaz
-
Taliban, Afghan govt team begin second round of peace talks
-
Pakistan Welcomes Start of Second Round of Intra-Afghan Negotiations: FO
-
Imran urges Hazaras to bury slain miners
-
Citizens facing severe gas crisis in winter season
-
Virus kills another 52; more than 2,100 new cases reported in a day
-
Pakistan Welcomes Start of Second Round of Intra-Afghan Negotiations: FO
-
71 shopping malls sealed in a week on SOPs violations
-
PPP demands Centre to probe gas crisis
-
Pandemic Nurturing Nationalism in the Divided World
-
Chela Ram expresses satisfaction on govt steps over temple in Karak
-
Naval chief, envoy discuss Pak-Saudi maritime cooperation