اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اسان جو ڪو به سياسي دوست ۽ سياسي دشمن نه آهي، ڪنهن به سياسي پارٽي کي پنهنجا خيال پيش ڪرڻ جي آزادي حاصل آهي، تنقيد انهن جو جمهوري حق آهي، اسان اهو حق انهن کان نه ٿا کسي سگهون. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اسان ڪنهن به سياسي پارٽي جي حق ۾ ۽ مخالف نه آهيون، ملڪ جي آئين ۽ قانون تحت هلندڙ ڪنهن به ڪارروائي ۾ اسان ڪنهن به قسم جي مداخلت جو ارادو نه ٿا رکون، جيڪڏهن ڪنهن جي خلاف آئين، قانون ۽ عدالتون ڪي قدم کڻن ٿيون اسان ان عمل کي نه ٿا روڪي سگهون. چونڊن جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي، صاف، شفاف، غيرجانبداراڻي ۽ آزاد چونڊون منعقد ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي حلف جي پاسداري ڪنداسين، حلف جي خلاف ورزي جو سوچي به نه ٿا سگهون، اسان وٽ نااميدي ۽ واعدي خلافي جي ڪا خبر نه آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي ويب سائيٽ تي پورو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي، اليڪشن ايڪٽ تحت سياسي پارٽين کي مهم جي لاءِ 54 ڏينهن ڏيڻا پوندا. هن چيو ته پاڪستان هڪ جمهوري ملڪ آهي، ماڻهن کي اظهار راءِ جي آزادي حاصل آهي. هن چيو ته اسان جي ذميواري آهي ته اسان حڪومتي معاملن کي بهتر بڻايون. هن چيو ته مهانگائي هڪ حقيقت آهي، عوام جي مشڪلاتن جو احساس آهي، ڪو به ملڪ مهانگو تيل خريد ڪري سستو وڪرو ڪرڻ کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. صدر جي ٽوئيٽ جي حوالي سان هن چيو ته صدر جنهن ڏينهن ٽوئيٽ ڪيو انهي ڏينهن اسان قانوني پوزيشن واضح ڪري ڇڏي هئي. صدر کي رياستي نظام ۾ اهم حيثيت حاصل آهي، صدر آئين تحت پارليامينٽ جو حصو آهي، اسان جي حڪومت انهن جي منصب جو احترام ڪري ٿي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي ڪراچي جي دوري جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ڪراچي واپاري مرڪز آهي، نگران وزيراعظم هتي ڪاروباري ماڻهن سان ملاقات ڪئي. هن چيو ته اسان معيشت کي مستحڪم ڪنداسين، عوام جي پئسي جو زيان نه ڪيو ويندو، 16 رڪني ڪابينا جو هر ميمبر پنهنجي شعبي جو ماهر آهي. هن چيو ته عوام جي دعائن، مدد ۽ آئيڊياز جي ضرورت هوندي. بٽگرام چيئر لفٽ واقعي جو ذڪر ڪندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اسان جي جوانن پيشيواراڻي انداز ۾ بهادري سان ٻارن کي ريسڪيو ڪيو، مقامي ماڻهن به بهادري جو مظاهرو ڪيو، نگران وزيراعظم کي چيئر لفٽ واقعي تي اڳڀرائي کان مسلسل آگاهه ڪيو ويندو رهيو. جڙانوالا واقعي بابت هن چيو ته جڙانوالا جهڙا واقعا اوچتو رونما نه ٿا ٿين، ان جي هڪ تاريخ آهي، جڙانوالا واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي سزا ملنديون. هن چيو ته معاشري ۾ عدم برداشت جو ڪلچر هڪ ڏينهن ۾ نه پيدا ٿيو آهي نه ختم ٿيندو. هن چيو ته معاشري مان عدم برداشت جي ڪلچر جو خاتمو ضروري آهي، ان ڏس ۾ گهر، اسڪول، مدرسي، ميڊيا، عدالتن، انتظاميا ۽ حڪومت کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
متعلقہ مضامین
-
Family demands action against official for trespassing on home
-
Excavation of Swat River bed to be controlled
-
PPP leader wants legislation for minorities’ rights
-
Close contest likely in Old Ravians Unions polls
-
Aman-21 aims to develop safe blue economy: FO
-
ECP refuses to entertain PPP’s reservations on Senate elections
-
ECP refuses to entertain PPP’s reservations on Senate elections
-
ECP refuses to entertain PPP’s reservations on Senate elections
-
US interest in Pakistan to diminish in coming years: Speakers
-
US interest in Pakistan to diminish in coming years: Speakers
-
33 more lose battle of life against coronavirus
-
Is the really earth flat — Myth, Misconception or The Truth ?