اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي)مشهور فنڪار، فلم پروڊيوسر ۽ هدايتڪار جمال شاهه نگران حڪومت ۾ وفاقي وزير طور حلف کڻڻ کانپوءِ قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت جو دورو ڪيو ۽ پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي. قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ وزارت جي سيڪريٽري فارينه مظهر ۽ قومي ورثي ۽ ثقافت واري ڊويزن جي ٻين آفيسرن سان ملاقات ڪئي. وفاقي سيڪريٽري وفاقي وزير جمال شاهه کي تعارفي بريفنگ ڏني ۽ کيس هيريٽيج اينڊ ڪلچر ڊويزن جي ڪم جي باري ۾ آگاهه ڪيو. آفيسرن کي خطاب ۾ وفاقي وزير چيو ته هو ملڪ ۾ ثقافت ۽ فنڪار برادري جي بهتري ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪندو. جمال شاهه چيو ته هن ان عهدي کي هڪ چئلينج طور قبول ڪيو آهي ۽ هو پنهنجون ذميواريون پوري محنت ۽ شوق سان نڀائيندو.
متعلقہ مضامین
-
CJP forms seven-judge bench to hear Justice Isa’s petition
-
Consult IAF before ‘invading’ AJK, ISPR responds to Indian minister
-
Imran to meet Trump twice during US visit
-
Every detained MNA should be allowed to attend sessions: Abbasi
-
Pakistan hopes Afghan peace talks will resume at the earliest
-
Consult IAF before ‘invading’ AJK, ISPR responds to Indian minister
-
Reports about Saudi, UAE ministers’ remarks on Kashmir ‘speculative’: FO
-
PM hails support of 58 countries on Kashmir crisis
-
EU lawmaker for imposing trade and travel restrictions on India
-
Kashmiris to swarm streets if curfew lifted in IHK: Firdous
-
Federal govt conspiring to divide Sindh: Khuhro
-
Federal minister directs schools not to increase fee by more than 5 percent