اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن سان گڏوگڏ صحت جي بحالي لاءِ خدمتن جي ضرورتمند ماڻهن جي زندگين کي آسان بڻائڻ جي لاءِ معاشري ۽ خانداني نظام کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. گلوبل ري هيبلي ٽيشن ليڊرشپ انسٽيٽيوٽ جي اهتمام هيٺ منعقد ڪورس جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته ڪميونٽي ويلفيئر سمورن مذهبن بشمول اسلام، عيسائيت ۽ يهوديت جو بنياد رهيو آهي، هن ان حوالي سان انبياءَ ڪرام، حضرت محمد ﷺ ۽ انهن جي صحابه ڪرام جا مثال پيش ڪيا. هن چيو ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن دنياوي معاملن ۾ اخلاقيات ۽ انسانيت جي کوٽ آهي اهڙي ۾ معذور ماڻهن ۽ بحالي جي ضرورتمند ماڻهن جي ڀلائي لاءِ معاشري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هڪ تحقيقي مطالعي جو حوالو ڏيندي صدر شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته پاڪستان جي 24 سيڪڙو آبادي ذهني ڇڪتاڻ جو شڪار آهي جنهن ۾ 60 کان 70 سيڪڙو شاگرد شامل آهن. هن چيو ته نفسياتي ماهرن جي گهٽ انگ جي ڏس ۾ ان صورتحال تي ڌيان نه ٿو ڏئي سگهجي، اهڙي ۾ خانداني نظام، گروپ ٿراپي ۽ اسٽريس شيئرنگ جي صورت ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. صدر چيو ته رياست تي دارومدار ڪرڻ کانسواءِ خانداني نظام کي اسلامي معاشرن وانگر پنهنجو ڪردار ڪرڻ جي لاءِ سامهون اچڻو پوندو جتي ڪميونٽيز پاڻ قانونن تي عمل ڪن ٿيون. هن پاڪستاني معاشري پاران خصوصي ماڻهن سان همدرديءَ جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته معاشري جي سمورن محروم طبقن بشمول عورتن ۽ اسڪول نه ويندڙ 27 ملين ٻارن تي انهن جي مشڪلاتن جي ازالي جي لاءِ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته 27 ملين اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي داخلا جيڪڏهن رياست تي ڇڏي ڏني وڃي ته ڪيترائي ڏهاڪا لڳي سگهن ٿا جڏهن ته پاڪستاني معاشرو مسجدن جي اڳ کان موجود انفراسٽرڪچر مان فائدو کڻي ان مسئلي کي تمام گهڻو اڳ حل ڪري سگهي ٿو. صدر چيو ته جسماني معذوري وارن ٻارن کي عام اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ گهرجي ڇو ته ان سان ٻين ٻارن کي انهن جي چئلينجز بابت شعور ملندو. ان کانسواءِ هن چيو ته رياست کان وڌيڪ معاشري کي اکين کان محروم ماڻهن جي چرپر کي آسان بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون. صدر معذوري ۽ بحالي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان کي تعاون فراهم ڪرڻ تي صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جا ٿورا مڃيا. ان کان اڳ پاڪستان ۾ ڊبليو ايڇ او جي نمائندي پاليٿا مهيپالا معذوري ۽ بحالي جي مسئلن جي حل جي ڪوششن جي لاءِ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي قيادت ۽ ڪردار تي روشني وڌي. اهڙي طرح هن ان حوالي سان خاتون اول بيگم ثمينه علوي جي تعاون ۽ ڪوششن کي پڻ ساراهيو.
متعلقہ مضامین
-
Indian Fascists have Crossed all limits: Gen Raheel Sharif
-
CM Punjab meets Speaker of Punjab Assembly and acting governor
-
Pak Army soldier martyred in cross-LoC firing: ISPR
-
Mandokhel to assume charge as BHC CJ
-
Pakistani community praised for their contribution to British society
-
Indian Fascists have Crossed all limits: Gen Raheel Sharif
-
Imran to meet Trump twice during US visit
-
PM hails support of 58 countries on Kashmir crisis
-
Non-bailable arrest warrant issued against PTI leader Aleem Khan
-
Every detained MNA should be allowed to attend sessions: Abbasi
-
ATC issues non-bailable arrest warrants for Aleem Khan
-
ATC issues non-bailable arrest warrants for Aleem Khan