اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته سمورين مشڪلاتن باوجود پاڪستان جو مستقبل روشن آهي، جهڙي طرح سينيٽ جي گولڊن جوبلي جي تقريبن جي ٽن ڏينهن ۾ هتي امن، نظم ۽ ضبط ۽ هڪٻئي جو احترام ۽ برداشت جو ڪلچر ڏٺو الله ڪري اهو سلسلو سدائين برقرار رهي. سينيٽ آف پاڪستان جي گولڊن جوبلي جون تقريبون منعقد ڪرڻ تي سينيٽ چيئرمين کي مبارڪون ڏيندي هن چيو ته اسان کي پنهنجي وڏڙن طرفان ڌار ملڪ قائم ڪرڻ جي مقصدن کي نظر ۾ رکڻو پوندو، هن ٽن ڏينهن وارين تقريبن دوران امن، ڊسيپلين ۽ برداشت کانسواءِ هڪٻئي جو احترام ڏٺو، هي ڪنهن به مهذب پارليامينٽ ۽ جمهوري نظام جو بنياد آهي، منهنجي دعا آهي ته هي ماحول جيڪو هتي نظر آيو اهو سدائين قائم ۽ دائم رهي. هن چيو ته سينيٽ آف پاڪستان عالمي معيارن موجب پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪري رهيو آهي، رابطا ۽ شفافيت پارليامينٽ لاءِ اهميت رکندڙ آهن، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته انتظامي ۽ پاليسي قدمن سان وفاق، جمهوريت ۽ گورننس مضبوط ٿيندي، سينيٽ جي ڪارروائي ۾ عوامي شرڪت بهترين قدم آهي، ان سان عوام جو پارلياماني جمهوريت تي اعتماد بحال ٿيندو. هن چيو ته هي جمهوريت، پارليامينٽ، قانونسازن ۽ پاڪستان جي عوام لاءِ وقت آهي ان سان گڏوگڏ هي وفاق ۽ وفاقي ٿنڀن جو وقت آهي، هن چيو ته 50 سال اڳ هن سينيٽ جو قيام پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ نئون باب آهي ۽ ان سان وفاق پاڪستان کي استحڪام مليو، هن چيو ته موجوده چيئرمين سان گڏوگڏ اڳوڻي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين کي به مبارڪون ڏيون ٿا جنهن وفاق کي درپيش مسئلن جو هتي ذڪر ڪيو. هن چيو ته چئلينجن جي باوجود هڪ روشن مستقبل پنهنجي سامهون نظر اچي رهيو آهي، پنهنجي محبوب وطن ۽ پنهنجي عوام لاءِ روشن مستقبل نظر اچي رهيو آهي، ڪلمي جي بنياد تي حاصل ٿيل ملڪ کي الله هر طرح جي خطرن کان محفوظ رکي.
متعلقہ مضامین
-
Ahmadi Professor shot dead in Peshawar allegedly after religious argument
-
KASHMIR, PALESTINE & ISLAMOPHOBIA
-
Ahmadi professor shot dead in Peshawar
-
Federation submits key documents on Nawaz Sharif’s warrants in IHC
-
Ex-Sindh governor offers ‘surrender’ in sedition case
-
ED’s post at Higher Education Commission filled after two years
-
PM welcomes Facebook’s support to Pakistan’s digital initiative
-
Stolen assets of developing nations must be returned: Pakistan to UN
-
Man held for damaging temple in Badin
-
Supply situation of wheat flour in province reviewed
-
Prominent religious scholar Maulana Adil Khan shot dead in Karachi
-
Pillion riding bans in Karachi over fears of target killings