اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته محمد نواز شريف جي سڄي ملڪ کي موٽرويز سان ڳنڍڻ واري خواب جي تڪميل جو اڄ اهم ڏينهن آهي، 306 ڪلوميٽر ڊگهي سکر – حيدرآباد موٽروي ايم – 06 جي پيڙهه جي پٿر بعد پشاور ڪراچي موٽروي (پي ڪي ايم) جي آخري حصي جي تعمير بعد پاڪستان جا سمورا وڏا ۽ اهم شهر موٽرويز سان ڳنڍجي ويندا. اڱاري ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سرڪاري ۽ نجي شراڪتداري سان ايم -06 کي تعمير ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايم – 06 کي 30 مهينن جي مختصر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته منصوبي جي تڪميل سان سڄي ملڪ جي عوام کي جديد، آرامده ۽ تيز ترين سفري سهولت ملندي. ان کان علاوه ان موٽروي جي تعمير سان واپاري برادري کي پنهنجي سامان جي منتقلي ۾ پڻ آساني ٿيندي ۽ وقت جي بچت ٿيندي، ان کان علاوه حادثن کان بچڻ کان علاوه جي ٽي روڊ تي ٽريفڪ جي دٻاءَ ۾ به گهٽتائي ايندي، وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته بهترين شاهراهن جي تعمير سان ترقي جي قومي رفتار ۾ اضافو ٿيندو جنهن سان پاڪستان جي معيشت تي هاڪاري اثر پوندا. منصوبي جي تڪميل سان ملڪ ۾ واپاري سرگرميون تيز ٿينديون، واپارين، صنعتڪارن ۽ هارين کي پنهنجي مصنوعات جي ترسيل ۾ آساني ٿيندي.
متعلقہ مضامین
-
Tailgating or tolerance — Your weapon of choice to win the race?
-
Indian army martyrs soldier, teenage boy along LoC
-
Primary schools open from today across country
-
Tahir Ashrafi appointed Special Representative to PM on Religious Harmony
-
IHC moved against killing of 11 Pakistani Hindus in India
-
Public officers trained on international human rights obligations
-
Senator Rehman Malik exonerated 2nd time from fake rape charges
-
Shafqat Mahmood holds virtual meeting with Lord Tariq on preventing sexual violence
-
At least 100 restaurants, six marriage halls closed in Karachi for violating coronavirus SOPs: NCOC
-
Senior Indian diplomat summoned to register Pakistan’s strong protest over Ceasefire Violations by India
-
Oil tanker carrying 40,000-litre fuel overturns in Kohat
-
Health Minister Sindh opposes Pakistan Medical Commission Bill