اسلام آباد- 05 ڊسمبر (اي پي پي) آل پاڪستان چائينز انٽر پرينيئور ايسوسيئيشن کُليل آسمان هيٺ ترسيل ٻوڏ متاثرن لاءِ 400 خيما عطيي طور ڏنا آهن ۽ مستقبل ۾ امداد جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ چين جي سفارتخاني ۾ هڪ سادي پر شاندار تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ خيما اسلام آباد وومين چيمبر جي صدر رضوانه آصف ۽ جمهوري وطن پارٽيءَ جي ڪوآرڊينيٽر مير چاڪر بگٽيءَ حوالي ڪيا ويا. ان موقعي تي آل پاڪستان چائينز انٽر پرينيئور ايسوسيئيشن جي وائيس چيئرمين سن يو چينگ چيو ته ٻنهي ملڪن جي دوستي مثالي آهي ۽ چين هر ڏُکي وقت ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکندو. ٻنهي ملڪن جي دوستي هر ايندڙ ڏينهن سان وڌيڪ مستحڪم ٿيندي. آگسٽ 2022ع ۾ وزيراعظم جي رليف فنڊ ۾ 15.5 ملين جو عطيو پڻ جمع ٿي چڪو آهي جڏهن ته ان کان علاوه به ڪيترائي فلاحي ڪم شامل آهن.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan expects incoming Chinese envoy to promote business ties, boost CPEC
-
Economic growth through infrastructure development
-
TTS faculty decries HEC ‘failure’ to resolve their issues
-
Healthy lifestyle can help reduce heart diseases, say: experts
-
Army captain martyred in clash with terrorists
-
Pakistan will not ‘back off’ from facilitation of Afghan peace: FM
-
Shehbaz Sharif’s arrest will only ‘add fuel to the fire’: Maryam
-
Shehbaz behind bars, once again
-
Gulf companies keen to invest in Gwadar Free Zone: Asim Bajwa
-
Shehbaz behind bars, once again
-
Money laundering case: non-bailable arrest warrants for Shehbaz’s wife, daughter issued
-
Primary schools open from today across country