اسلام آباد– 16 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي لڪي مروت ۾ پوليس وين تي دهشتگرد حملي جي مذمت ۽ قيمتي جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهڙي بزدلاڻي ڪارروائي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قوم جي عزم کي ڪمزور نه ٿي ڪري سگهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر دهشتگردي جي واقعي ۾ قيمتي جاني نقصان تي گهري افسوس جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن، قوم پنهنجي شهيدن تي فخر ڪري ٿي. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي قوم سدائين ياد رکندي آهي. اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروايون دهشتگردي جي خلاف قوم جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. صدر پوليس جي شهيدن کي خراج تحسين، پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي لاءِ درجن جي بلندي ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
Not registering an FIR tantamount to helping the oppressor: IGP
-
Healthy lifestyle can help reduce heart diseases, say: experts
-
CM reviews progress on economic zones project
-
FIR registered against UAF ex-VC, registrar
-
SC accepts appeal by Daniel Pearl’s family against Sheikh’s acquittal
-
Gulf companies keen to invest in Gwadar Free Zone: Asim Bajwa
-
Shehbaz behind bars, once again
-
Zardari, Talpur indicted in money laundering case
-
Opp submits requisition to convene PA session to discuss Shehbaz’s arrest
-
Indian army martyrs soldier, teenage boy along LoC
-
Opp submits requisition to convene PA session to discuss Shehbaz’s arrest
-
NAB to summon Maulana Fazl in assets beyond means inquiry