ساهيوال – 29 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ساهيوال ۾ صحت، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ ٻين ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. ڪالهه جمعي ڏينهن وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڊسٽرڪٽ هيدڪوارٽر اسپتال ساهيوال ۾ عالمي معيار جي ڪارڊيالاجي ۽ ڪارڊيڪ سرجري بلاڪ جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکيو. نئين بلاڪ جي تعمير سان ساهيوال جي ماڻهن کي مقامي سطح تي عالمي معيار جي علاج جي سهولت ملي سگهندي. ان کانسواءِ وزيراعظم عمران خان سالڊ ويسٽ سيگريگيشن، ٽريٽمينٽ ڊسپوزل منصوبي جو افتتاح ڪيو. ان منصوبي تحت ڪچرو گڏ ڪرڻ کانپوءِ ان کي مختلف درجن ۾ ورهائي بهتر طريقي سان تلف ڪري سگهبو، ان سان گڏوگڏ هن ساهيوال ۾ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ اڪيڊمي جو پڻ پيڙهه جو پٿر رکيو. ان کانسواءِ وزيراعظم پاڪپتن ۾ بابا فريدالدين گنج شڪر جي دربار ويجهو قائم ڪيل لنگرخاني ”سرائي قطب“ جو پڻ افتتاح ڪيو. هن ان موقعي تي ساهيوال ۾ پنجاب انٽرميڊيئٽ سٽيز امپروومينٽ انويسٽمينٽ پروگرام تحت صاف پاڻي، پاڻي جي نيڪالي ۽ ماحولياتي درستگي، پارڪس جي تعمير جي لاءِ 18 ارب رپين جي ماليت جي منصوبن جو پڻ پيڙهه جو پٿر رکيو.
متعلقہ مضامین
-
Scam unearthed: ZTBL loans only for Punjabi farmers
-
CJCSCs welcome ceremony to be held on Monday
-
FIA submits report on probe against NAB deputy chief
-
Abdul Basit resonates message of peace for Kashmir
-
Shahbaz Sharif felicitates COAS Qamar Bajwa
-
India politicizing cricket: PCB Chairman
-
SC questions money trail of London flats
-
Chat with Trump isnt going to save Nawaz
-
LTC opens nine bus stops on Bedian Road
-
India to install smart fence on Pakistan, Bangladesh borders
-
Roadside explosion targets police vehicle in Peshawar
-
Bilawals PPP has right to get share in Punjab politics: Sanaullah