اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي اداري کي چيو آهي ته بهتر مالي انتظام ۽ خدمتن جي فراهمي ۾ بهتري لاءِ بهترين عالمي معيار ۽ ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻيندي آڊٽ جي نظام کي مستحڪم بڻايو وڃي، اداري جي ڪارڪردگي ۽ صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ ڊي اي جي پي آفيسرن لاءِ بهترين تربيتي پروگرام ۽ خصوصي تربيت جو اهتمام ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جاويد جهانگير سان ڳالهائيندي ڪيو. آڊيٽر جنرل صدر کي اداري ۾ سڌارن جي عمل تي بريفنگ ڏني. هن سرڪاري ادارن ۾ مالي شفافيت کي يقيني بڻائڻ، احتساب ۾ اضافي ۽ آڊٽ ۾ بهتري لاءِ کنيل قدمن بابت اجاگر ڪيو. بريفنگ ۾ اداراجاتي سڌارن ۽ ڪفايت شعاري واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايڊيشنل آڊيٽر جنرل آف پاڪستان فرخ حميد ۽ ناڻي واري وزارت وارو سينئر جوائنٽ سيڪريٽري عامر محمود به موجود هو. صدر چيو ته بهتر مالياتي انتظام ۽ خدمتن جي فراهمي لاءِ آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي اداري کي جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻي پوندي. بدعنواني جي خاتمي ۽ شفافيت برقرار رکڻ لاءِ پوري آڊٽ عمل کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻو پوندو.
متعلقہ مضامین
-
CPEC key to connectivity, development: Dr Huang
-
Robbers loot, tie up four in Lahore
-
Bilawal meets Paris Hilton, posts picture on Instagram
-
After Qatari prince, UK-Pakistani spills the beans in letter to SC
-
PU sets up study group to investigate smog infestation
-
NA approves Commissions of Inquiry Bill amid lack of quorum
-
Seminar held on importance of organic food
-
Govt increases petrol price by Rs 2 per litre
-
LTC opens nine bus stops on Bedian Road
-
IESCOs anti-power theft drive catches81 pilferers
-
Sherry slams PM over release of unabridged readout
-
UNHCR says 380,000 Afghans return from Pakistan during 2016